اڄ ذڪر ڪريون ٿا اسٽيج جو! ڇا توھان 11 ڪلاڪ طويل ڪنھن ادبي ڪانفرنس بابت ٻڌو آهي؟ جي ناھي ٻڌو ته اڄ پڙهي وٺو!
منھنجي هر سال نظامت ڪيل مختلف نوعيت جي اڻ ڳڻين اسٽيج پروگرامن منجهان سال جِي وڏي ۾ وڏِي پرفارمنس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ’لطيفي راڳ رھاڻ‘ جي ساندَھِه ٽن راتين جي محفلن جي ميزباني هوندي آهي، جيڪا آءٌ 2003ع کان لاڳيتو پيو ڪندو اچان. انهن 23 سالن ۾ 2 سال ’ڪووڊ 19‘ (ڪورونا) سبب شاھه جو ميلو ئي منعقد نه ٿيو ۽ هڪ سال 2022ع ۾ سنڌ ۾ آيل وڏي ٻوڏ سبب ڀٽ شاھه ۾ ته اهو ميلو ڪونه لڳو هو، البته 16 صفر تي حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم آڊيٽوريم ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران مختصر ادبي ڪانفرنس سان گڏ ’لطيف اِوارڊ‘ تقريب ۽ سادِي راڳ رھاڻ جِي محفل منعقد ڪئي وئي هئي، جنھن ۾ خاص ڪري انهن فنڪارن کي پرفارم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو، جن جا گهرَ اُن ٻوڏ ۾ ڊهي ويا هئا. تنھن سال ان اِوارڊ تقريب سان گڏ عجيب رنگ جي ’لطيفي راڳ رھاڻ‘ منعقد ٿي هئي، جنھن ۾ انهن فنڪارن ٻوڏ جي سوڳَ سبب بنا سازن جي شاھه جُون وايون ڳايون هيون.
ان سال ان سادِي لطيفي راڳ رھاڻ ڪوٺائڻ جو اصل مقصد ٻوڏ متاثر فنڪارن جي ثقافت کاتي پاران مالي سھائتا ڪرڻ هو. انڪري کين عام ميلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اعزازيا ڏنا ويا هئا، ته جيئن هو پنھنجي ڊٺلَ گهرن جي مرمت ڪرائي سگهن. بنا سازن جي لطيفي راڳ جِي محفل منعقد ڪرڻ ۾ کاتي پاران راڳين سان همدرديءَ واري عنصر کان وڌيڪ پريس وارن جو اهو ڊپ هو، جنھن اُنَ سال اڳ ۾ ئي ٻوڏ واريءَ سوڳناڪ مند ۾ ڪنھن به قسم جي راڳ ويراڳ جي ميڙاڪي منعقد ڪرڻ جي صورت ۾ ممڻ ٿي مَچايو ته: ”سنڌ ٻُڏي پئي. هنن کي ناچ گانا پيا سُجَهن!“ (حالانڪه ڀٽائيءَ جو راڳ ڪو ’ناچ گانو‘ ناهي.) سو انهن جِي اھڙي تنقيد کان بچڻ لاءِ ثقافت کاتي اها سادي سُودِي لطيفي راڳ رھاڻ جي محفل ۽ لطيف اِوارڊ تقريب منعقد ڪئي هئي، جنھن جي پھرين نشست ۾ ڪجهه عالمن کان ڀٽائيءَ جي فڪر بابت مقالا پڙهائي ادبي ڪانفرنس جي رسم به پوري ڪئي وئي ۽ موسيقيءَ جي محفل جو به فرض ادا ڪيو ويو. 2022ع ۾ اهڙيءَ ريت سوڳ سان ڀرپور ملهايل شاھه جي ميڙي کان علاوه هڪ ڀيرو اڳ به ايئن ٿي چُڪو ته ڀٽائي سرڪار جو ميلو اوچتو اڌ ۾ ويڙهڻو پيو ۽ ان جُون اڌ سرڪاري تقريبُون اوچتو منسُوخ ڪرڻيون پيون. اهو سال هو 2012ع، جڏھن ميلي جي ٻئين ڏينھن هلندڙ ادبي ڪانفرنس دؤران حُرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري ستين ــ پير شاھه مردان شاھه جي وفات جي اوچتو خبر ملي. مزي جي ڳالهه ته ان سال عيسوي ڪئلينڊر جي لحاظَ کان لطيف سائينءَ جا ٻه ميلا منعقد ٿيا هئا. هڪ جنوري 2012ع جي بالڪل شروعات ۾ 9 کان 11 جنوري 2012ع تائين ۽ ٻيو ڊسمبر 2012ع جي آخر ۾، 28 کان 30 ڊسمبر 2012ع تائين…
هيءَ 2012ع جي پھرين ميلي جي ڳالهه آهي. اهو 10 جنوري 2012ع جو ڏينھن هو ۽ مون ڀٽ شاھه ايڪسيلنس سينٽر (جنھن جو نالو بعد ۾ سيّد سردار علي شاھه، ’ايڇ ٽي سورلي‘ هال رکيو) ۾ عالمي ادبي ڪانفرنس جِي ڪارروائي پئي هلائِي، جنھن جي صدارت محمّد ابراھيم جويي صاحب پئي ڪئي، جڏھن ته ڊاڪٽر غلام علي الانا، سائين امرجليل، فھميده رياض ۽ ٻيا ان عالمي ادبي ڪانفرنس جي خاص مھمانن ۾ شامل هئا. هيءَ اها لطيف ادبي ڪانفرنس هئي، جڏهن ثقافت کاتي جي ٽن چئن سالن جي ڪوششن کانپوءِ نيٺ ھند جي ڪجهه سنڌي اديبن کي وِيزائون مليون هيون ۽ ان سال هند جا 3 سنڌي اديبَ، سائين هيرو ٺڪر، وِمي سدارنگاڻي ۽ اندران شبنم پونا والا هن ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا، جنھنڪري هن ڪانفرنس جو درجو ’عالمي ڪانفرنس‘ جو ٿي ويو هو. ياد رھي ته ان کانپوءِ ڪجهه سالن تائين ساندھه ڀارت جي سنڌي اديبن کي هن ڀٽ شاھه ادبي ڪانفرنس لاءِ ويزائون ملنديون رھيون ۽ هر سال ٻن ٽن اديبن کي لطيف ڪانفرنس لاءِ ڪوٺيو ويندو رھيو. انهن لاڳيتن سالن ۾ سائين ھيرو ٺَڪُر ته مستقل مندُوب رھيو، البته ان سان هر سال هڪ ٻه ڌار ڌار اديب سلهاڙجي ايندا رھيا. پوءِ ڪجهه سالن کانپوءِ سياسي ۽ سفارتي مَوسم بدلجڻ جي ڪري اهو سسلو بند ٿي ويو. ان سال هيءَ ڀٽ شاھه ادبي ڪانفرنس ايڏي طوالت ۽ ڊيگهه جو شڪار ٿي وئي جو منتظم پاڻ شرمنده پئي ٿيا ته هُنن هيڏن سارن اسڪالرن کي گڏ ڇو ڪيو آهي. اهو رڳو ثافت کاتي پاران ڪانفرنس جي رٿابنديءَ جي فقدان سبب ٿيو، جو عالمي اديبن ۽ سنڌ مان به ڳچ تعداد ۾ اديبن جي شرڪت باوجود باقي ٽنهي صوبن توڙي گلگت بلتستان ۽ وسيب (سرائڪي پٽيءَ) مان ٻه ٻه اديب گُهرائي ڇڏيائون، جن سڀني کي مقالا پڙهائڻا پئجي ويا ۽ انهن سمورن اديبن مان سواءِ هڪ ٻن جي ٻيو ڪنھن به وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ جي زحمت ڪندي اختصار مان ڪم ڪونه ورتو، بلڪه دل کولي پنھنجي خيالن جي اپٽار ڪئي. رڳو مٿي ذڪر ڪيل مجلسِ صدارت جي ڪجهه ڄڻن ۽ ڀارت مان ڪھي آيل ٽن اديبن جي ڳالهه هجي ها ته به سٺو! پر ان سال انهن هر صوبي مان به ڌار ڌار گهرايلَ عالمن پنھنجن طويل ”پُر مغز“ مقالن سان ٻُڌندڙن جي مغزَ جا لاھَه ڪڍي ڇڏيا. ان سال پاڪستان جي مختلف علائقن مان گهرايل اديبن ۾ عبدالحڪيم بلوچ ۽ شاھه محمّد مري (بلوچستان)، ڊاڪٽر سلميٰ شاھين ۽ سعدالله ’بَرق‘ (خيبرپختُونخوا)، پروفيسر جميل احمد پال ۽ روبينه ترين (پنجاب)، پروفيسر جاويد چانڊيو ۽ شازيه بابر (بھاولپور)، محمّد حسن حسرت (اسڪردُو) ۽ منظور اعجاز سميت سنڌ مان ڊاڪٽر فھميده حسين، ڊاڪٽر فاطمه حسن، جامي چانڊيي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، جوھر بروهيءَ، آپا مريم مجيديءَ ۽ ٻين پڻ مقالا پڙهيا.
شايد اوھانکي ويساھه نه اچي، پر اها منھنجي سانڀر جِي نه رڳو طويل ترين ڀٽ جي ميلي جِي ادبي ڪانفرنس هئي، بلڪه منھنجي زندگيءَ جي به ڊگهي ترين ادبي ڪانفرنس هئي، جنھن جي مون نظامت ڪئي ۽ بنا ڪنھن مبالغي جي اها ادبي ڪانفرنس 11 ڪلاڪ (صبح 11:00 لڳي کان رات 10:00 لڳي تائين) هلِي. ان دؤران مون هڪ ٻه دفعا جويي صاحب کان ڪا ڳالهه پڇڻ لاءِ سندن نشست جي پويان وڃي جڏھن ساڻن ڳالهائڻ چاھيو، ته مون کين باقاعدي اُونگهه ۾ ڏٺو ۽ منھنجي ڳالهائڻ تي هو باقاعدي پنڪيءَ مان ڇرڪُ ڀري سُجاڳ ٿي ٿيا. جنھن تي مونکي افسوس ۽ شرمندگي به ڏاڍي پئي ٿي. ظاهر آهي ته ايڏيِ بزرگ عمر ۾ ابراھيم جويي صاحب ۽ الانا صاحب کي 11 ڪلاڪ هڪ هنڌ ويھارڻ منتظمين پاران سخت ترين زيادتي هئي. پر مزي جي ڳالهه ته جڏهن ايڏيءَ دير ٿي وڃڻ باوجود رات جو 9:15 لڳي ڌاري مون صدارتي خطاب لاءِ جويي صاحب کي تقرير جي دعوت ڏني ته هن به پورا 45 منٽَ ڳالهايو. ان سال ڪانفرنس ۾ مانجهاندي لاءِ پچرايلَ ماني مھمانن کي رات جو 10:00 لڳي کارائِي وئي ۽ مونکي ياد آهي ته الانا صاحب پنھنجي تقرير ۾ چيو ته ”مانجهاندن سانجهاندن جو وقت ته ويو. هي ته انگريزن بقول ’سَپَر‘ (Supper) جو ’ٽاڻو‘ آهي!“ (’سَپَر‘ ان هلڪي مانيءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪا ڪنھن سبب جي ڪري رات جي مانيءَ جي مھل گذري وڃڻ کانپوءِ سمهڻ کان اڳ کاڌي وڃي.) ۽ پوءِ ٿيو به ايئن جو ڪانفرنس جي حاضرين رات 10:00 لڳي کانپوءِ منجهند کان تيار ٿيل ٺريلَ ماني کاڌي. ان ڪانفرنس دؤران مون نوٽ ڪيو ته ڀارت جي اديبن (خاص ڪري هيٺ ويٺل اندرا شبنم پوني واريءَ ۽ ومي سدا رنگاڻيءَ) سان ملڻ لاءِ آيل مھمان ڪٽنبَ کين گهمائڻ ڦيرائڻ وٺي ٿي ويا ۽ وري ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ کين هال ۾ ڇڏي ٿي ويا. پوءِ به ڪانفرس جي ڪارروائيءَ کُٽڻ جو نالو نه ٿي ورتو! اخبارن به ٻئي ڏينھن تي رپورٽ ڪندي لکيو ته ”ڪانفرنس رات دير تائين جاري رھي.“ اهو ياد رکڻ گهرجي ته ”صبح جو شروع ٿيل اها ڪانفرنس“ رات دير تائين جاري رھي.
اها ڪانفرنس هلندي پير صاحب پاڳاري جي وفات جي خبر ملِي. تڏھن سوشل ميڊيا ايڏي سرگرم ڪانه هئي، جيتري اڄڪلهه آهي، پر مونکي ياد آهي ته مونکي ثقافت کاتي جي تڏھوڪي ڊائريڪٽر ۽ هاڻوڪي ڊائريڪٽر جنرل، حبيب الله ميمڻ اچي ٻڌايو ته هن ادبي ڪانفرنس کانپوءِ ميلي جون باقي تقريبون پير صاحب جي سوڳ ۾ منعقد نه ٿينديون. يعني اڄ ۽ سڀاڻي رات (ميلي جي ٻئين ۽ ٽئين رات) جي لطيفي راڳ رھاڻ جي محفل به نه ٿيندي ۽ سڀاڻي رٿيل ”لطيف اِوارڊ تقريب“ به منعقد ڪانه ٿيندي، جنھن ۾ تڏھوڪو وڏو وزير، سيّد قائم علي شاھه شريڪ ٿيڻو هو. مونکي اهي به هدايتون مليون ته ادبي ڪانفرنس هلندي اهڙو ڪوبه اعلان ڪونهي ڪرڻو، البته جڏھن ادبي ڪانفرنس جي ڪارروائي پوري ٿِي، ته آخر ۾ صدارتي تقرير کانپوءِ مون ميلي جي باقي تقريبن جي منسوخيءَ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته اڄ ۽ سڀاڻي رات جي موسيقيءَ جي محفل به منعقد ڪانه ٿيندي. ميلي کان ڪجهه ڏينھن پوءِ جڏھن ڀارت کان ڪھِي آيلَ مھمانَ حيدرآباد ۾ پنھنجي مانَ ۾ رٿيلَ آجياڻا اٽينڊ ڪري ڪراچيءَ پھتا، ته تيستائين پير صاحب پاڳاري جو ٽيجهو به گذري چڪو هو ۽ پوءِ ڪنھن ڏينھن شام جو ثقافت کاتي پاران ئي ان سال جِي ”لطيف اِوارڊ تقريب“ وزيرِ اعليٰ هائوس ڪراچيءَ جي بال رُوم (هال) ۾ منعقد ڪئي وئي هئي، جنھن ۾ خاص مھمان طور سائين قائم علي شاھه پاڻ شريڪ ٿيو ۽ ان سال ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر جي ڦھلاءَ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي لطيف اِوارڊ ڏنائين. ان اِوارڊ تقريب جي نظامت به مون ئي ڪئي. سياري جو سج تڪڙو لھڻ ڪري اها اِوارڊ تقريب سج لٿي کانپوءِ ئي شروع ٿي ۽ سانجهاندي سان ختم ٿي. شڪر آ جو اھا تقريب هُنَ ادبي ڪانفرنس جيڏي طويل نه هئي.