حيران ڪندڙ طور ضرورت وقت ظاهر ٿيندو! واهپيدارن جو جنجهٽ ختم، واٽس ۾ ڳڻتي گهٽائيندڙ اهم تبديلي

ڇا توهان ڪڏهن واٽس ايپ ۾ مهينا يا سال پراڻو ڪو پيغام ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گهڻو وقت مٿي هيٺ اسڪرول ڪرڻ باوجود ڪامياب نه ٿيا آهيو؟

جيڪڏهن ها، ته واٽس ايپ واهپيدارن جي اها تڪليف ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هاڻي گهربل پيغام هڪ ڪلڪ سان ڳولي سگهجي ويندو.

هڪ رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي چيٽس اندر پيغام ڳولڻ لاءِ هڪ نئون ڳولا شارٽ ڪٽ شامل ڪيو پيو وڃي.

هي سهولت آءِ او ايس وارن اوزارن لاءِ واٽس ايپ جي نئين آزمائشي نسخي ۾ نظر آئي آهي.

هن وقت ڪنهن چيٽ اندر پيغام ڳولڻ لاءِ چيٽ مان ٻاهر نڪري چيٽ جي ڄاڻ واري صفحي تي وڃڻو پوي ٿو، جتي ’ڳولا‘ تي ڪلڪ ڪري گهربل پيغام ڳولڻو پوي ٿو.

جيتوڻيڪ موجوده طريقي سان اهو ڪم ٿي وڃي ٿو، پر هر واهپيدار لاءِ اهو طريقو ايترو سولو ناهي.

انهيءَ ڪري ڪمپني نئين سهولت متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن تحت چيٽ جي اسڪرين ۾ ئي ڳولا لاءِ هڪ بٽڻ شامل ڪيو ويندو.

اهو بٽڻ اسڪرين تي هر وقت نظر نه ايندو، پر جڏهن توهان پراڻن پيغامن تائين پهچڻ لاءِ مٿي اسڪرول ڪندا ته اهو ظاهر ٿيندو.

بظاهر اها معمولي تبديلي لڳي ٿي، پر ان سان واهپيدارن کي پراڻا پيغام ڳولڻ ۾ وڏي سولائي ٿيندي.

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اها سهولت هن وقت آزمائشي نسخي ۾ نظر آئي آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ان کي عام واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.

چيٽس سان گڏ اها سهولت چينلز ۾ به شامل ڪئي پئي وڃي، جتي واهپيدار ڪنهن چينل ۾ موجود پراڻين پوسٽن ۽ اپڊيٽن کي به ڳولي سگهندا.

You might also like