اڄوڪو هي آرٽيڪل تمام دلچسپ آهي، هي ليک نج سائنسي ۽ تاريخي سچ تي ٻڌل آهي ٻيو ته ان بابت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي، هن لکڻي جي مواد کي اهڙي انداز ۾ ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جو پڙهندڙ کي هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ ان موضوع بابت سڄي تاريخي توڙي سائنسي واٽ ترتيب وار ياد رهجي وڃي.
هي موضوع پڙهڻ کانپوءِ اوهانکي مڪمل ڄاڻ ملندي ته اها شفا واري شيءِ جنهن کي ”خدا جي دوا“ به سڏيو ويو ڪيئن موتمار ۽ خطرناڪ دوا ۾ تبديل ٿي وئي.
موضوع جي روح کي سمجهڻ لاءِ اسان شروعات آفيم کان ڪيون ٿا.
آفيم جي تاريخ
آفيم انسان ذات جي تاريخ ۾ سڀ کان قديم، اثرائتي ۽ تڪراري ٻوٽن مان هڪ رهي آهي، جنهن جا طب، سياسيات ۽ انساني حياتيات تي انتهائي گهرا اثر پيا آهن. آفيم جي پوک جي شروعات لڳ ڀڳ 3400 ق.م ڌاري ميپوٽيميا مطلب ته هاڻوڪي عراق ۾ سوميري تهذيب دوران ٿي، سوميري انکي Hul Gil مطلب”خوشيءَ جو ٻوٽو“ سڏيندا هئا. اتان کانپوءِ اها پوک مصر، آشور ۽ قديم يونان تائين پکڙجي وئي جتي انکي ”درد نوار“ ۽ ننڊ آڻيندڙ دوا طور استعمال ڪيو ويو ۽ پوءِ سِلڪ روٽ جي رستي ذريعي هندستان، چين ۽ عرب دنيا تائين پهتي، جتي ان کي دوا توڙي تفريحي نشي طور استعمال ڪيو ويو.
مارفين ڇا آهي؟
1804ع ۾ جرمن فارماسسٽ فراڊرڪ سرٽرنر پهريون ڀيرو آفيم مان ان جو اصل فعال Active Alkaloidعنصر الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن ٻوٽي مان مڪمل خالص الڪلائيڊ الڳ ڪيو ويو. سرٽرنر اهو مرڪب پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ٽن دوستن تي آزمايو ته کيس اها خبر پئي ته انکانپوءِ شديد درد يا تڪليف ختم ٿي وئي ۽ انهن کي گهري ننڊ سان گڏ سُٺا خواب اچڻ لڳا، سادي لفظن ۾ چئجي ته انهن کي سڪون محسوس ٿيو. اهو ئي سبب جو هن پنهنجي نئين دريافت يا مرڪب کي يوناني مٿالاجي جي خوابن واري ديوتا ”مارفيس“ جي نالي پٺيان ”مارفين“ جو نالو ڏنو.
مارفين ڪم ڪري ڪيئن ٿي؟
مارفين سڌي ريت انسان جي سينٽرل نروس سسٽم تي عمل ڪندي ڪنهن به تڪليف کي اسپائنل ڪارڊ پار ڪري دماغ تائين پهچڻ ئي ناهي ڏيندي، جنهن جي ڪري سور ختم ٿي ويندو آهي. انکانپوءِ ڊوپامين ڪنٽرول ڪرڻ واري سسٽم کي ئي بند ڪري ڇڏيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڊوپامين جو مقدار ججهي مقدار ۾ رليز ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ خوشيءَ جو احساس مدهوشي جي حد تائين وڌي ويندو آهي. ان سان گڏ اها دماغ جي نيورانز جي ايڪٽوٽي سست ڪندي آهي جنهن جي ڪري دماغ جي چستي مطلب ”الرٽ نيس“ ختم ٿي ويندي آهي ۽ ننڊ اچي وڃي ٿي. انهن اثرن جي ڪري به انهن کي ”خدا جي دوا سمجهيو ويندو آهي“
مارفين جي اهميت ۽ علاج ۾ استعمال
”مارفين“ دوائن جي دنيا ۾ هڪ انتهائي بنيادي ۽ ناياب ”درد مار“ مطلب تڪليف گهٽائيندڙ دوا تسليم ڪئي ويندي آهي، اها دوا صحت واري عالمي اداري بنيادي دوائن جي وسيع فهرست ۾ شامل ڪئي آهي. بنيادي طور ان جا پنج مُک استعمال آهن.
سخت درد جو علاج: مارفين بنيادي طور تي اهڙن سخت تڪليفن، سورن ۽ دردن ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي جتي عام تڪليف گهٽائيندڙ دوائون مڪمل طور تي بي اثر ثابت ٿينديون آهن.
سرجري ۽ آپريشن: ڪنهن وڏي آپريشن کان اڳ يا انکانپوءِ مريض کي سخت تڪليف ۽ سور کان بچائڻ لاءِ انکي مارفين ڏني ويندي آهي.
دل جو دورو: دل جي دوري دوران مريضن کي سيني ۾ ٿيندڙ بي انتها سور ۽ تڪليف کي گهٽائڻ توڙي ساهه واري منجهه جي تڪليف مان ڇوٽڪاري لاءِ به مارفين ئي ڏني ويندي آهي.
ڪينسر جو مرض: ڪينسر جي هڙني قسمن ۾ آخري اسٽيجن واري تڪليفن ۽ سخت تڪليف کي برداشت جوڳو بڻائڻ لاءِ مارفين جاري ڪرائي ويندي آهي.
حادثن ۽ باهه جا مريض: سخت حادثن، حدن جي ڀڄڻ يا باهه ۾ سڙڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بي انتها تڪليف ۽ سور کي سمنڊ وانگر خاموش ڪرڻ جي لاءِ به ان ئي مارفين جو استعمال ٿيندو آهي.
ڊبليو ايڇ او جي هن وقت تائين واري فهرست موجب مارفين کانسواءِ جديد قسم جو علاج ٿي ئي نٿو سگهي.
انکانسواءِ ڪنهن خطرناڪ صدمي واري صورتحال جنهن ۾ ڪنهن مريض جو جسم سندس قابو مان نڪري وڃي ۽ ان تي ضابطو نه رهي، ايتري تائين جو سندس حياتي خطري ۾ هلي وڃي ته مارفين ان جي تڪليف کي ختم ڪري مريض کي صدمي مان ڪڍڻ ۾ ڪم ايندي آهي.
هيروئن ڪيئن ٺهي؟
شروعات ۾ مارفين آفيم مان ڪڍي ويندي هئي، پر پوءِ ان کي ليبارٽريءَ ۾ به ٺاهيو ويو. 1874ع ۾ انگريز ڪيمسٽ سي. آر. آلڊر رائٽ (C. R. Alder Wright) مارفين جي مالڪيولر صورت ۾ تبديلي آڻيندي ان جي ٻن هائڊروڪسل گروپن کي هٽائي ايسيٽيل گروپ لڳائي ڇڏيا، جنهن سان Diacetylmorphine وجود ۾ آئي.
1898 ۾ جرمني جي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني بيئر جي ڪيميادان هنرچ ڊريسر انکي ٻيهر دريافت ڪيو ۽ ان جو باضابطه طور نالو هيروئن رکيو،هيروئن جو نالو جرمن لفظ هيروئش Heroish مان ورتو ويو، جنهن جي معنيٰ ”بهادر“ آهي. منڍ ۾ انکي کنگهه ۽ تڪليف گهٽائڻ واري غير نشي آور شيءِ طور وڪرو ڪيو ويو پر تڪڙي ئي ظاهر ٿيو ته اها مارفين کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ سخت نشي جي عادي بڻائيندڙ دوا آهي ۽ نيٺ انتي 1920 واري ڏهاڪي ۾ عالمي پابندي لڳائي وئي.
ورزش سان ڇا ٿئي ٿو؟
حيرت انگيز طور تي انساني جسم ۾ پڻ فطري طور مارفين وانگر ڪم ڪندڙ مادو نڪرندو آهي، جڏهن انسان ورزش يا جمنگ ڪندو آهي ته جسم مان انڊورفنس خارج ٿيندا آهن. انڊورفنس نالو انڊوجينس+مارفين مان ورتو آهي، ظاهر اهو ٿيو ته انڊورفنس جو لفظي مطلب به وڃي مارفين ئي نڪتو. هي قدرتي مرڪب دماغ جي بلڪل انهن ئي جڳهين تي اثر ڪندو آهي جتي آفيم واري مارفين ڪندي آهي اهو ئي سبب آهي ته مارفين ۽ انڊورفنس جا افيڪٽس هڪجهڙا مطلب ساڳيا ئي هوندا آهن.
اهو ئي سبب آهي ته جمنگ، ورزش ڪرڻ ۽ جنسي عمل دوران انڊورفنس قدرتي مارفين جهڙو مادو خارج ٿيندو آهي جنهن سان ماڻهو، خوشي، سڪون، ڦڙتي ۽ ننڊ وارو احساس محسوس ڪندو آهي.
آفيم تي لڳل ٻه جنگون
اوهان کي شايد ٻڌي حيرت ٿئي ته آفيم تي ٻه جنگون به لڳيون آهن، جنگين جا تفصيل تمام وڏا ٿي ويندا انڪري رڳو بس هتي انهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
پهرين آفيم جنگ 1839-1842 تائين لڳي. برطانيه چين مان چانهه ۽ ريشم خريدڻ لاءِ چاندي خرچ ڪرڻ بدران هندستان ۾ پوکيل غير قانوني آفيم چين ۾ وڪڻڻ شروع ڪئي. جڏهن چيني ڪمشنر لِن زيزو (Lin Zexu) لکين ڪلوگرام آفيم سمنڊ ۾ ٻوڙائي ڇڏي، ته برطانيه چين تي حملو ڪيو. چين جي شڪست کانپوءِ معاهدي نانجنگ تحت هانگ ڪانگ برطانيه جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي آفيم جنگ 1856-1860 تائين لڳي. فرانس ۽ برطانيه ملي چين کي شڪست ڏني ۽ آفيم جي تجارت کي قانوني بڻائڻ سان گڏ چين جا بندرگاهه پرڏيهي طاقتن لاءِ کولرايا.