جيڪڏهن توهان کي چانهه يا ڪافي پيئڻ پسند آهي ته اها عادت وڌندڙ عمر سان گڏ دماغي زوال جو سبب بڻجندڙ بيماري ڊيمينشيا کان تحفظ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
’جاما نيٽ ورڪ‘ ۾ ڇپيل تحقيق دوران هڪ لک 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي صحت جو 43 سالن تائين جائزو ورتو ويو.
تحقيق ۾ اهو جاچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪيفين سان ڀرپور ڪافي يا چانهه پيئڻ سان دماغي صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا.
تحقيق ۾ نرسن کي شامل ڪيو ويو ۽ انهن کان هر ڪجهه سالن کانپوءِ کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي عادتن بابت تفصيل گڏ ڪيا ويا.
43 سالن دوران 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڊيمينشيا جي سڃاڻپ ٿي.
طرز زندگي ۽ صحت سان لاڳاپيل ٻين عنصرن کي نظر ۾ رکڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته وڌيڪ ڪيفين واري ڪافي پيئڻ سان ڊيمينشيا جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو.
اهڙيءَ ريت چانهه پيئڻ سان به دماغي صحت تي اهڙا ئي هاڪاري اثر ڏٺا ويا.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ٻنهي مشروبات جو مناسب مقدار ۾ استعمال دماغي صحت لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو.
روزانو 2 کان 3 ڪوپ ڪافي ۽ هڪ کان 2 ڪوپ چانهه پيئڻ سان دماغي صحت کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ ان کان وڌيڪ مقدار ۾ ڪافي يا چانهه پيئڻ سان ڊيمينشيا جي خطري ۾ وڌيڪ گهٽتائي نظر نه آئي.
تحقيق مان اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته ڪيفين ڊيمينشيا کان بچاءُ ڪري ٿي، پر ٻنهي وچ ۾ هڪ لاڳاپو ضرور سامهون آيو آهي.
جيتوڻيڪ تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مناسب مقدار ۾ ڪافي يا چانهه پيئڻ دماغي صحت لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو.