اٺ سالن تائين ويس مٽائي عورت بڻجي رهندڙ فرار جوابدار گرفتار

ترڪي جي پوليس اٺن سالن کان روپوش رهندڙ اهڙي شخص کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو عورت جو ويس بدلائي ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڃاڻپ ڪارڊ استعمال ڪري رهيو هو.

ترڪ اختيارين موجب، اٺن سالن کان روپوش توغرل بار کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن جاچ ڪندڙن سندس ڀيڻ جي ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي ٿيندڙ خريداري ۽ ٻين مالي سرگرمين جو پتو لڳايو.

اختيارين موجب اها مالي ڏي وٺ ان وقت ٿي رهي هئي، جڏهن سرڪاري رڪارڊ ۾ بار جي ڀيڻ کي ترڪي کان ٻاهر ڄاڻايو ويو هو. شڪي سرگرمين کانپوءِ جاچ ڪندڙن لاڳاپيل هنڌ جي نگراني شروع ڪئي.

انکانپوءِ پوليس ان هنڌ تي ڇاپو هنيو ۽ اتي هڪ اهڙي شخص کي گرفتار ڪيو، جيڪو مبينا طور عورتن جا ڪپڙا پهري هو. ٿاڻي تي آڱرين جي نشانن جي جاچ دوران ان شخص جي سڃاڻپ توغرل بار طور ٿي، جنهن سان سندس اٺن سالن جي روپوشي ختم ٿي وئي.

بار کي اڳوڻي سزا جو باقي مدو پوري ڪرڻ لاءِ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي سرڪاري وڪيلن سندس خلاف نئين جاچ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سڃاڻپ جي نقل ڪرڻ ۽ سرڪاري دستاويزن ۾ جعلسازي يا انهن جي مبينا غلط استعمال جا الزام شامل آهن. انهن الزامن جي بنياد تي کيس وڌيڪ قانوني سزا پڻ ملي سگهي ٿي.

You might also like