ايران کان يوڪرين تائين عالمي ڇڪتاڻ، آمريڪي هيڻائپ جي دعويٰ کانپوءِ ماسڪو جي اڳڀرائي تي واشنگٽن پريشان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ آمريڪي اخبار آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن سمجهي ٿو ته ايران جنگ سبب آمريڪا ڪمزور ٿيو آهي ۽ اها صورتحال روس لاءِ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جو اهم موقعو آهي.
رپورٽ موجب، روسي صدر جو خيال آهي ته آمريڪا جي موجوده ڪمزوري مان فائدو وٺندي روس يورپ ۾ آمريڪي مفادن ۽ اتحادين خلاف پنهنجون سرگرميون وڌائي سگهي ٿو.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي سربراهه جان ريٽڪلف روس جي دوري دوران ماسڪو کي يوڪرين خلاف جنگ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي.
رپورٽ موجب، جان ريٽڪلف روسي اختيارين تي واضح ڪيو ته يوڪرين خلاف ڪنهن به نئين ڪارروائي يا جنگ ۾ واڌ جا نتيجا خود روس لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.
ذريعن موجب، آمريڪي انٽيليجنس اختياريون روسي قيادت جي ان تاثر تي گهري نظر آهي ته ايران سان جنگ آمريڪا جي فوجي ۽ سفارتي صلاحيتن کي متاثر ڪيو آهي.
آمريڪي اختيارين کي خدشو آهي ته جيڪڏهن ماسڪو آمريڪا جي مصروفيتن ۽ ڪمزوري کي پنهنجي لاءِ موقعو سمجهيو ته يورپ ۽ يوڪرين جي حوالي سان ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي.
اها رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن روس ۽ اولهه وارن ملڪن وچ ۾ يوڪرين جنگ جي معاملي تي اڳ ئي سخت اختلاف موجود آهن، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي وڌندڙ فوجي ۽ سفارتي مصروفيتون عالمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيون آهن.

 

You might also like