عامر خان کي ”ريس“ جو اسڪرپٽ وڻي ويو، پهريون ڀيرو سڌارٿ ۽ ٽائيگر سان گڏ ڪم ڪندو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان، سڌارٿ ملهوترا ۽ ٽائيگر شروف جو پهريون ڀيرو فلم ”ريس ري بوٽ“ ۾ گڏ نظر اچڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عامر خان ”ريس ري بوٽ“ جي اسڪِرپٽ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، فلم مشهور ايڪشن ٿرلر فرنچائز ”ريس“ جو نئون ۽ انوکو انداز قرار ڏنو پيو وڃي.
”ريس“ فرنچائز جي شروعاتي ٻنهي فلمن ۾ سيف علي خان مُک ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته ٽِين فلم ۾ سلمان خان مرڪزي ڪردار نڀايو هو.
شروعاتي ٻنهي فلمن ايڪشن، تجسس ۽ مضبوط ڪاسٽ سبب مقبوليت ماڻي هئي، جڏهن ته ”ريس ٿري“ ۾ ڪهاڻي ۽ انداز کي مختلف رخ ڏنو ويو هو.
هاڻي ”ريس ري بوٽ“ لاءِ مڪمل طور نئين ڪاسٽ سان فرنچائز جي نئين فلم پيش ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
سڌارٿ ملهوترا جو نالو ڪجهه عرصي کان هن منصوبي سان جوڙيو پئي ويو، جڏهن ته تازين رپورٽن ۾ ٽائيگر شروف جي شموليت جون خبرون پڻ سامهون آيون آهن.
”پنڪ ولا“ موجب، عامر خان کي فلم جو اسڪرپٽ وڻيو آهي ۽ هو ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ليکڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب، عامر خان جو خيال آهي ته ”ريس ري بوٽ“ فرنچائز ۾ بلڪل نئون رنگ شامل ڪري سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، فلم کي اهڙو ٿرلر بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڀارت ۾ ان کان اڳ ٺهيل فلمن کان مختلف هجي.
فلمساز فرنچائز کي نئين رخ ۾ وٺي وڃڻ ۽ ناظرين لاءِ نئون تجربو پيش ڪرڻ چاهين ٿا.
فلم ۾ مضبوط ڪاسٽ شامل هوندي، جڏهن ته ٻين اداڪارن جي نالن جو اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عامر خان فلم جي تياري ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ منصوبي جو حتمي حصو بڻجڻ کان اڳ اسڪِرپٽ کي پنهنجي اميدن موجب بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
”ريس ري بوٽ“ جي هدايتڪاري لاءِ وجئه ڪرشنا آچاريه جو نالو ورتو پيو وڃي، جيڪو ان کان اڳ عامر خان سان گڏ”ڌوم ٿري“ ۽ ”ٺگس آف هندستان“ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن عامر خان فلم ۾ شامل ٿئي ٿو ته ٻنهي جي اها ٽين گڏيل فلم هوندي.
ٻئي پاسي ”ٽپس فلمز“ جي رميش تُراني فلم جي پري پروڊڪشن پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
سڌارٿ ملهوترا، ٽائيگر شروف ۽ ممڪن طور عامر خان جي شموليت سبب ”ريس ري بوٽ“ ايڪشن ٿرلر فلمن جي مداحن لاءِ امڪاني منصوبن ۾ شامل ٿي وئي آهي.

You might also like