پمز سانحي تي وزيراعظم جو وڏو ايڪشن، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سميت 8 آفيسر معطل، فوجداري ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پمز سانحي تي اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عمران سڪندر سميت 8 ڄڻن کي فوري معطل ڪري سندن خلاف ڪارروائي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب, وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ پمز واقعي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي جاچ ڪميٽي جي عبوري رپورٽ پيش ڪئي وئي.
پڌرائي موجب، وزيراعظم ڪميٽي جي نشاندهي تي 8 ڄڻن کي فوري معطل ڪري سندن خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏني.
وزيراعظم ذميوارن خلاف کاتي ۽ فوجداري قانونن تحت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي.
انهن 8 ڄڻن ۾ پمز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عمران سڪندر، جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز ڊاڪٽر مطاهر شاهه ۽ ڊاڪٽر اويس علي شاهه شامل آهن.
ان کانسواءِ ڊاڪٽر نوشيله امجد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيڪيورٽي محمد عثمان، سي ڊي اي جي ايمرجنسي سروسز جو ڊي جي عبدالرحمان، نيو نيٽل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر سعديه رياض ۽ سينيئر رجسٽرار پڻ معطل ڪيل عهديدارن ۾ شامل آهن.
وزيراعظم آفيس موجب، سيڪيورٽي تي مقرر ڪمپني ۽ لاڳاپيل عهديدارن خلاف ڪارروائي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
متاثر وارڊ ۾ موجود هڪ نرس ۽ عورت گارڊ کي او ايس ڊي بڻائي وڌيڪ جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم ڄاڻايل ماڻهن خلاف بنا فرق جي فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پمز واقعي دوران هڪ ٻار جي جان بچائيندڙ نرس لاءِ ”ستاره خدمت“ ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي.
پڌرائي موجب، وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان کي پمز جو قائم مقام ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته هٽايل عملدارن جي جاءِ تي نون ماڻهن جي ترت ۽ گڏيل طور مقرري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته مڪمل رپورٽ صحت واري وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي ويندي.
باهه لڳڻ کان 6 منٽ پوءِ ايمرجنسي سروسز کي ڪال ڪئي وئي
پڌرائي موجب، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته پمز ۾ هنگامي صورتحال بابت تفصيلي ايس او پيز يا تربيت موجود نه هئي، پمز جي 13 ايس او پيز ۾ رڳو 2 ماتحت سيڪشنز ۾ باهه يا هنگامي صورتحال جو ذڪر موجود هو.
اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پمز واقعي وقت سپروائزري اسٽاف ڊيوٽي تي موجود نه هو، وارڊ ۾ 2 نرسون، هڪ عورت گارڊ ۽ هائوس آفيسر موجود هئا.
بريفنگ موجب، باهه لڳڻ ۽ سڄو وارڊ سڙڻ ۾ رڳو 2 منٽ لڳا، جڏهن ته هڪ نرس وارڊ ۾ باهه پکڙجڻ کان اڳ هڪ ٻار جي جان بچائي.
باهه لڳڻ کان 6 منٽ پوءِ ايمرجنسي سروسز کي ڪال ڪئي وئي، جڏهن ته پمز اسپتال ۾ پهريون ايمرجنسي رسپانس ڪال کان 15 منٽ پوءِ پهتو.
پمز واقعي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو: وزيراعظم
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏوهاري غفلت ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.
هن چيو ته پمز واقعي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، معصوم ٻارن جي موت اهڙو ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن تي سڄي قوم ڏُکاري آهي.
وزيراعظم چيو ته ٻارن جي والدين سان سندس ۽ سڄي قوم جون همدرديون آهن، جڏهن ته پمز واقعي جي ذميوارن کي مثالي سزا ڏياري ويندي.

You might also like