ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ويب سيريز ”مرزا پور“ جا مداح هاڻي فلم جي رليز کان اڳ پنهنجي پسنديدا ڪردارن کان سڌي ريت سوال ڪري سگهندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلمسازن ”مرزا پور: دي مووي“ جي مشهوري مهم تحت ”مرزا پور هاٽ لائين“ متعارف ڪرائي آهي، جتي سيريز جي اصل ڪاسٽ مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي.
هن خاص قدم تحت فرنچائز جا مشهور اداڪار پنهنجن مقبول ڪردارن جي انداز ۾ مداحن سان ڳالهائيندا.
ڪاسٽ ۾ ”ڪالين ڀيئا“ جي ڪردار ۾ پنڪج ترپاٺي، ”منا ڀيئا“ جي روپ ۾ ديويندو، ”گڊو پنڊت“ جي ڪردار ۾ علي فضل، ”بينا ترپاٺي“ جي ڪردار ۾ رسڪا دُگل، ”ڪمپائونڊر“ جي ڪردار ۾ اڀيشيڪ بئنرجي ۽ ”گولو“ جي روپ ۾ شويتا ترپاٺي شرما شامل آهن.
فلمسازن موجب، هاٽ لائين ذريعي مداح پنهنجا سوال جمع ڪرائي سگهندا، جن جا جواب اداڪار پنهنجي ڪردارن جي مخصوص شخصيت ۽ انداز ۾ ڏيندا.
هن قدم جو مقصد فلم جي سئنيما گهرن ۾ نمائش کان اڳ مداحن کي مرزا پور جي دنيا ۽ ان جي ڪردارن سان ٻيهر جوڙڻ آهي.
”مرزا پور: دي مووي“ مشهور ڪرائيم ڊراما فرنچائز جو سئنيما لاءِ تيار ڪيل نئون سلسلو آهي، جنهن جي شروعات پرائم وڊيو تي ويب سيريز طور ٿي هئي.
فلم ذريعي پهريون ڀيرو مرزا پور جي ڪهاڻي ۽ ان جا مشهور ڪردار وڏي پردي تي نظر ايندا.
فلم کي ”ايمازون ايم جي ايم اسٽوڊيوز“ ۽ ”ايڪسل انٽرٽينمينٽ“ پيش ڪري رهيا آهن.
فلم جي هدايتڪاري گرمِيت سنگهه ڪئي آهي، جڏهن ته ڪهاڻي ۽ اسڪرين پلي پونيت ڪرشنا لکيو آهي، جڏهن ته رتيش سدواڻي ۽ فرحان اختر فلم جا پروڊيوسر آهن.
”مرزا پور: دي مووي“ ايندڙ مهيني 4 تاريخ تي سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيندي.