ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ٻيلي جي زمين تي قبضي جي تڪرار ۾ بااثر وڏيري جي ونگار تي ايس ايڇ او آندل سندراڻي قابل ڀيو تي لاڪپ ۾ بند جوابدار جي تذليل ۽ ڪپڙا لاهي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
رپورٽ موجب، ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضن جي تڪرارن دوران بااثر وڏيري جي چوڻ تي گرفتار نوجوان سان مبينا طور لاڪپ ۾ غير انساني رويو اختيار ڪيو ويو ۽ سندس سلوار لاهي تذليل ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي جي وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ وائرل ٿي وئي.
ايس ايڇ او قابل ڀيو جي مبينا شرم جوڳي عمل جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي کيس معطل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ذميواري جو تعين ڪيو ويندو.
ميرپور ماٿيلو: بااثر وڏيري جي ونگار تي نوجوان جي لاڪپ ۾ ڪپڙا لاهي تذليل، ايس ايڇ او معطل
You might also like