ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ کٽيو، ڪا به سيريز نه هارائي، ڪپتاني کسي ٽيم مان ڪڍڻ تي مايوسي ٿي: سوريا ڪمار يادَو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي فاتح ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو آهي ته کيس ٽيم مان ڪڍڻ ۽ ڪپتاني کسڻ تي ٿوري مايوسي ٿي، ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن سالن دوران سندس ڪپتاني ۾ ڀارت هڪ به سيريز نه هارائي هئي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا کي ڏنل انٽرويو ۾ سوريا ڪمار يادَو چيو ته ڀارت سندس ڪپتاني ۾ ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ به کٽي چڪو هو، تنهنڪري هو چاهي پيو ته اها ئي ڪاميابي اڳتي به جاري رهي.
هن چيو ته جڏهن سڀ ڪجهه سٺو هلي رهيو هو ته پوءِ تبديلي جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ اهو سوال سندس ذهن ۾ هلندو رهيو.
سوريا ڪمار يادَو وڌيڪ چيو ته هو ڏيڍ مهيني تائين گهر ۾ ويٺو رهيو ۽ ان دوران اهي ڳالهيون سندس ذهن ۾ هلنديون رهيون.

 

You might also like