تصويرون: وزيراعظم، فيلڊ مارشل، سعودي ولي عهد ۽ ترڪ صدر مڪي ۾ جمعي نماز ادا ڪئي

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان مڪي ۾ گڏجي جمعي نماز ادا ڪئي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، جمعي نماز جي موقعي تي پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سميت سعودي ۽ ترڪ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي سربراهن وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو پڻ ٿيو، جنهن تحت ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي هٿياربند حملو سڀني ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.

 

You might also like