جڏهن به ڪو ”سادن ڪپڙن“ ۾ ڪنهن کي کنڀيندو ته ردعمل ايندو: سهيل آفريدي

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته سادن ڪپڙن ۾اچي جڏهن به ڪنهن کي کنڀيو ويندو ته ان تي ردعمل ته ايندو.

اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته 27 سيپٽمبر تي قانون ۽ آئين موجب پرامن احتجاج ڪيو ويندو.

هن چيو ته جعلي حڪومت جيڪڏهن عدالتي حڪمن ۽ قانون کي نٿي مڃي ته ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهي آهي؟ شڪور خان تي حملي جي وڊيو موجود آهي، جڏهن ته اسان جا پينا فليڪس ساڙيا ويا ۽ احتجاجي ڪئمپون پٽيون ويون.

وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته ڳالهين ذريعي حالتون درست ڪيون وڃن، مان چئلينج ڪريان ٿو ته گورنر راڄ لاڳو ڪري ڏسن.

ان کان اڳ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انتشار واري سياست جو الزام رد ڪيو هو. هن چيو هو ته هنن سمورا آئيني ۽ سياسي رستا استعمال ڪيا، پر ٻڌڻي نه ٿيڻ تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو.

You might also like