دنيا ۾ ايراني هوائي ڪمپنيون 23 سيمپٽمبر کان بند، ڪنهن به ايئرپورٽ ايراني جهازن کي لهڻ، بيهڻ، تيل يا ٽڪيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪي مالي نظام مان خارج ٿيندو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته آمريڪي پابندين جي خطري سبب 23 سيپٽمبر کان سڄي دنيا ۾ ايراني هوائي ڪمپنين جون اڏامون بند ٿي وينديون.

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو هوائي اڏو ايراني هوائي ڪمپنين کي ٻارڻ، لهڻ جون سهولتون يا ٽڪيٽن جي وڪري جون سهولتون فراهم ڪندو ته ان کي آمريڪي ڊالر واري مالي نظام مان خارج ڪري سگهجي ٿو.

آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته چين ايران خلاف آمريڪي معاشي دٻاءَ واري مهم کي تمام ويجهي نظر سان ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته ايران تي آمريڪي پابندين جي پاسداري بابت چيني مالي اختيارين ۽ چين جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر پان گونگ شينگ سان هاڪاري ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

You might also like