ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ۽ هدايتڪارا سنگيتا انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ گذريل 14 سالن کان فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ڊسٽريبيوٽر طارق ميڊنرو سان ازدواجي زندگي گذاري رهي آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ شو دوران گفتگو ڪندي سنگيتا پهريون ڀيرو پنهنجي موجوده شادي بابت تفصيل سان ڳالهائيندي اڳوڻين شادين جا تلخ تجربا پڻ شيئر ڪيا.
سنگيتا موجب، سندس پهرين شادي همايون قريشي ۽ ٻي شادي نويد اڪبر سان ٿي، پر ٻئي رشتا ختم ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هن طارق ميڊنرو سان ٽين شادي ڪئي.
اداڪارا ٻڌايو ته ڌيئرن جون شاديون ٿيڻ کانپوءِ هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي هئي، ان دوران طارق ميڊنرو کيس ڪيترائي ڀيرا شادي جي آڇ ڪئي.
سنگيتا جو چوڻ هو ته وڌندڙ عمر ۾ انسان کي هڪ ساٿي جي ضرورت هوندي آهي، ان ئي سوچ تحت هن ٽين شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پنهنجي ڪامياب ازدواجي زندگي جو راز ٻڌائيندي سنگيتا چيو ته سندس موجوده مڙس نه گاريون ڏيندو آهي، نه هٿ کڻندو آهي ۽ نه ئي بنا سبب جهيڙو ڪندو آهي.
اداڪارا موجب جيڪڏهن ڪڏهن هوءَ ڪاوڙ ۾ هجي ته سندس مڙس خاموشي سان ڪمري مان ٻاهر هليو ويندو آهي.
ڌيئرون پرڻجي ويون ته اڪيلي ٿي ويس، هن عمر ۾ ساٿي کپي پيو ، ان ڪري طارق ميڊنرو سان ٽِين شادي ڪيم: سنگيتا
Prev Post
You might also like