وسيم اڪرم انگلينڊ هٿان وائيٽ واش شڪست کانپوءِ وطن واپسي تي رانديگرن آڌر ڀاءُ تي چڙي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ 3-0 تان شڪست کانپوءِ نوجوان فاسٽ بالر رضا الله جي وطن واپسي تي شاندار آجيان تي اڳوڻي ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم سخت تنقيد ڪئي آهي.
مانچسٽر ۾ هڪ خيراتي تقريب دوران ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ انفرادي ڪارڪردگي کي ٽيم جي نتيجي کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ واري روش درست ناهي.
واضح رهي ته رضا الله انگلينڊ خلاف سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو، جتي هن پهرين اننگز ۾ 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 63 بالن تي 9 ڇڪن جي مدد سان 81 رنسون ٺاهي پاڪستان کي اننگز جي شڪست کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
رضا الله جي وطن واپسي تي اسلام آباد ايئرپورٽ ٻاهران ۽ سندس ڳوٺ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شاندار استقبال ڪيو ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪئي هئي.
ان استقبال تي تبصرو ڪندي وسيم اڪرم چيو ته رضا الله يقينن سٺي راند کيڏيو، پر پاڪستان 3-0 تان سيريز هارائي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن هڪ رانديگر جو شاهاڻو آڌر ڀاءُ مناسب ناهي.
هن سخت لفظن ۾ چيو ته ”موچڙا کائي پيا وڃو، ٿورو مُنهن لڪائي هَلو، گهر وڃي جشن ملهائي وٺجو.“
وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته جيستائين پاڪستان ۾ انفرادي ڪارڪردگي بدران ٽيم جي ڪاميابي کي اهميت نه ڏني ويندي، تيستائين ڪرڪيٽ جو معيار بهتر ڪرڻ ڏکيو رهندو.

You might also like