محمد رضوان کي تنگ نه ڪيو“ عدالت جو اين سي سي آءِ اي کي حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرڪيٽر محمد رضوان جي اين سي سي آءِ اي جي انڪوائري خلاف درخواست رد ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ اداري کي محمد رضوان کي هراسان نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم محمد رضوان جي درخواست تي لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.
عدالتي فيصلي موجب اين سي سي آءِ اي محمد رضوان خلاف آن لائن بيٽنگ ۽ جوا بابت معاملي جي انڪوائري ڪري رهيو آهي. سرڪاري وڪيل موجب، اهو معاملو پيڪا ايڪٽ 2016ع جي سيڪشن 14 ۽ ناجائز مالي فائدي جي دائري ۾ اچي ٿو، جڏهن ته سائبر پيٽرولنگ دوران حاصل ٿيل ڄاڻ مان محمد رضوان جو معاملي سان تعلق ظاهر ٿيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هن مرحلي تي لاڳاپيل اداري کي الزامن بابت انڪوائري جاري رکڻ جو موقعو ڏيڻ مناسب آهي.
عدالت قرار ڏنو ته آءِ سي سي جو اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ٻين لاڳو قانونن تحت ٿيندڙ ڪارروائي کي متاثر يا ختم نٿو ڪري.
عدالت موجب، آءِ سي سي جي ضابطن کي بنياد بڻائي فوجداري ڪارروائي کان بچڻ جي ڪوشش نٿي ڪري سگهجي، جڏهن ته آءِ سي سي جو پنهنجو ضابطو به لاڳاپيل فوجداري يا ريگيوليٽري ادارن سان سهڪار جي گهر ڪري ٿو.
عدالت قرار ڏنو ته اين سي سي آءِ اي جو ڪال اپ نوٽيس پاڻمرادو ڪنهن شخص تي ڏوهه جو الزام ثابت نٿو ڪري.
اداري جي انڪوائري نه ان جي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهي ۽ نه ئي بدنظمي يا بدنيتي تي ٻڌل آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته انڪوائري جو مقصد راندين ۾ ڪرپشن جو پتو لڳائڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ آهي، تنهن ڪري انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت جو تعين ٿيڻ کان اڳ عدالت هن ابتدائي مرحلي تي مداخلت نٿي ڪري سگهي.
عدالت چيو ته انڪوائري جي حتمي نتيجي تي شڪايت جي صورت ۾ محمد رضوان قانون موجب مناسب داد رسي حاصل ڪري سگهي ٿو، ضبط يا قبضي ۾ ورتل شين جي واپسي لاءِ به هو لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو.
لاهور هاءِ ڪورٽ محمد رضوان کي اين سي سي آءِ اي جي انڪوائري ۾ شامل ٿيڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته اداري کي هدايت ڪئي وئي ته محمد رضوان کي هراسان يا غيرضروري تڪليف نه ڏني وڃي ۽ انڪوائري قانون موجب اڳتي وڌائي وڃي.

You might also like