ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو، ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو“پاڪستان، سعودي ۽ ترڪي وچ دفاعي معاهدو

مڪو شريف/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ”مڪي گڏيل دفاعي معاهدي“ تي صحيحون ٿي ويون آهن، جنهن تحت ٽنهي مان ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو، ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جمعي جي منجهند مڪي ۾ گڏيل دفاعي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون.
پرڏيهي آفيس موجب، معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحاڻي قدم خلاف گڏيل دفاع کي مضبوط بڻائڻ آهي.
معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته ٽنهي رياستن مان ڪنهن هڪ خلاف ٿيندڙ ڪو به هٿياربند حملو سڀني خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي معاهدو ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار جي سمورن پاسن کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت آهي.
جيتوڻيڪ معاهدي جا تفصيل اڃا سامهون نه آيون آهن، پر پاڪستان موجب ان جو مقصد اڳرائيءَ واري ڪنهن به قدم خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت ۽ روڪٿام کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ دفاعي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.
پرڏيهي آفيس موجب، معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کان اڳ ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل دفاعي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٽنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جو جائزو ورتو ويو.
بيان موجب، ٽنهي ملڪن جي ڊگهي عرصي کان تاريخي لاڳاپن، گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن ۽ دفاعي سهڪار جي بنياد تي ٽنهي اڳواڻن مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
پرڏيهي آفيس چيو ته هي معاهدو محفوظ ۽ خوشحال مستقبل لاءِ گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي توڙي ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽنهي ملڪن جي گڏيل عزم جو اظهار آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستاني وفد سان گڏ خميس ڏينهن سعودي عرب پهتا هئا، جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان معاهدي تي صحيحون ڪرڻ لاءِ جمعي جي صبح سعودي عرب پهتو.
هن معاهدي بابت خبرون ۽ اڳڪٿيون ڊگهي عرصي کان جاري هيون.
هلندڙ سال جنوري ۾ ترڪ پرڏيهي وزير خاقان فيدان چيو هو ته پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار بابت ڳالهيون جاري آهن.
فيدان ان وقت چيو هو ته صدر اردگان جي سوچ آهي ته هڪ وسيع ۽ گڏيل پليٽ فارم جو بنياد رکيو وڃي.
ان کانپوءِ جنوري ۾ ئي دفاعي پيداوار واري مملڪتي وزير رضا حيات هراج تصديق ڪئي هئي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ هڪ سال کان جاري ڳالهين کانپوءِ دفاعي معاهدي جو مسودو تيار ٿي چڪو آهي.
هن واضح ڪيو هو ته اهو معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اڳ ئي موجود سيڪيورٽي معاهدي کان الڳ هوندو.
ياد رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاملن ۾ سهڪار ۽ سلامتي بابت ”گڏيل دفاعي اسٽريٽجڪ معاهدو“ ٿيو هو، جنهن تحت طئي ڪيو ويو هو ته ڪنهن هڪ ملڪ خلاف ٻاهرين جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي.
پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ اهو معاهدو اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي ۽ سفارتي توازن تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ نوان اتحاد وجود ۾ اچي رهيا آهن.
پاڪستان ويجهڙائي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ شامل رهيو آهي، جڏهن ته ترڪي غزا جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي سطح تي سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
هن معاهدي کي ان حوالي سان پڻ اهم قرار ڏنو پيو وڃي ته پاڪستان مسلم دنيا جي واحد ايٽمي رياست آهي.
ترڪي ۽ سعودي عرب وچ ۾ به ڪيترن ئي سالن جي ماٺار کانپوءِ ويجهڙائي وارن سالن دوران لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي.
2018ع ۾ استنبول ۾ سعودي قونصل خاني اندر سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا.
دفاعي معاملن جي ماهرن موجب، ترڪي ۽ پاڪستان اڳ ئي هڪ ٻئي سان دفاعي سهڪار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سعودي عرب کي وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي قوت سمجهيو وڃي ٿو.
ماهرن جو خيال آهي ته ترڪي وچ اوڀر جي علائقائي مسئلن ۽ ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
دفاعي شعبي ۾ ترڪي جي وڌندڙ صلاحيت پڻ هن نئين معاهدي کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي.
گذريل ڪجهه سالن دوران ترڪ دفاعي سامان، خاص طور تي جنگي ڊرونز، يوڪرين، شام ۽ ليبيا سميت مختلف تڪرارن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ترڪ اختيارين موجب، ملڪ پنهنجي دفاعي گهرجن جو وڏو حصو مقامي سطح تي پورو ڪري ٿو، جنهن سبب ترڪي دفاعي سامان جي پيداوار ۽ برآمد ۾ عالمي سطح تي پنهنجو اثر وڌائي رهيو آهي.
ماهرن موجب، پاڪستان جي ايٽمي طاقت، سعودي عرب جي معاشي طاقت ۽ ترڪي جي فوجي ۽ سفارتي اثر رسوخ جو ميلاپ خطي ۾ هڪ اهم دفاعي روڪٿام جو عنصر بڻجي سگهي ٿو.

You might also like