ڪراچي/لاڙڪاڻو/قمبر (رپورٽر/نمائندا) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي فيلڊ مارشل بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته سندس بيان غيرارادي هو ۽ ان تي کيس دلي طور ڏک پهتو آهي. نثار کهڙي چيو ته هو اداري جي وقار جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو ۽ سندس لفظن سبب جيڪڏهن ڪا غلط فهمي پيدا ٿي آهي ته ان تي کيس افسوس آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس مقصد ڪنهن به اداري جي وقار کي مجروح ڪرڻ نه هو، جنهن سبب پنهنجي بيان بابت وضاحت ڏيڻ ضروري سمجهيو. نثار کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين ٺاهيندڙ جماعت آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏنو ۽ آئين ملڪ لاءِ هڪ روڊ ميپ آهي ان لاءِ ملڪ کي آئين تحت هلائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن لاڙڪاڻو بار ۾ پيپلز لائرز فورم پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين تي ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن ۽ آئين ٺهڻ کان پوءِ به غير جمهوري حڪومتن آئين کي معطل ڪيو ۽ پي سي او آندو ويو جنهن پي سي او تحت عدالتن تي به حملا ڪيا ويا ۽ وڏي جدوجهد کان پوءِ 18 هين ترميم ذريعي آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته هن چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪر رهيون آهن ۽ هر پنجن سالن کان پوءِ نئين حڪومت کي پرامن نموني اقتدار جي منتقلي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آئين تحت صوبي جي حدن ۾ تبديلي ۽ نئون صوبو ٺاهڻ جو اختيار 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان صوبي جي اسيمبليءَ کي حاصل آهي ۽ آئين تحت سنڌ اسيمبليءَ اُهو اختيار استعمال ڪري متفقه قرارداد منظور ڪري نئين صوبي کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي نئون صوبو نه گهرجي. نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٺاهيا وڃن جيڪڏهن اتان جون صوبائي اسيمبليون نوان صوبا چاهن ٿيون. هن چيو ته سنڌ کي نئون صوبو نه گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ آئيني طور تي قرارداد منظور ڪري نئين صوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هڪ جماعت جو وفاقي وزير صوبي جي معاملي تي ماڻهن کي هٿيار کڻڻ تي ماڻهن کي مڇرائي رهيو آهي سندس اِهو عمل حالتن کي خانه جنگي طرف ڌڪڻ آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ الطاف حسين به ماڻهن کي هٿيار کڻڻ لاءِ اڪسائڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته جيڪي وفاقي وزير نون صوبن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن جي ڳالهين جو وزيراعظم نوٽيس ڇو نه ٿو وٺي؟ هن چيو ته هڪ وفاقي وزير نون صوبن جي معاملي تي افواج پاڪستان کي ملوث ڪيو آهي جڏهن ته آءِ ايس پي آر اِهو واضع ڪيو آهي ته ھو نيوٽرل آهن ۽ سياست ۾ ملوث ناهن. هن چيو ته افواج پاڪستان بين الاقوامي سطح تي ملڪ جو وقار بلند ڪيو آهي ان لاءِ افواج پاڪستان کي سياست ۾ ملوث نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت، معدنيات، ڪوئلو ۽ پورٽ آهي ان صوبي تي ميري نظر رکي بدنظمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گورننس بهتر ٿي سگهي ٿي ان جو مطلب نوان صوبا نه هئڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وحدت تي ميري نظر نه رکي ويندي اسان به انهن تي تنقيد نه ڪنداسين جيڪڏهن سنڌ جي خلاف ڳالهيون ڪيون وينديون ته پوءِ جواب به ڀرپور ايندو. اسين نه ٿا چاهيون ته سنڌ جي صورتحال بلوچستان جهڙي ٿئي ان لاءِ انتشار پيدا ڪرڻ واريون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. هن چيو ته سنڌ تڪراري ڪئنالن خلاف ردعمل ڏئي سي سي آءِ ۾ تڪراري ڪئنالن کي رد ڪرايو آهي. هن چيو ته صوبائي خودمختياري 1983ع ۾ ملڻي هئي جيڪا 2010ع ۾ وڏي انتظار کان پوءِ ملي آهي. هن چيو ته ايم آر ڊي ۾ اِهو عهد ڪيو ويو ته آئين کي بحال ڪرڻ لاءِ جيترا به سال لڳن پر آئين کي بحال ڪرائينداسين. هن چيو ته وڪيل آئین جي رکوالي ڪندڙن آهن ان لاءِ اسان سڀني تي فرض آهي ته آئين جي عزت ڪرايون. هن چيو ته آئين ۽ جمهوريت جي تسلسل لاءِ پيپلز پارٽيءَ مسلم ليگ ن جو حڪومت سازيءَ ۾ ساٿ ڏئي ڪوڙو ڍڪ ڀريو آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن جو حڪومت سازيءَ ۾ ساٿ نه ڏئي ها ته ڪنهن به جماعت وٽ وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ عددي اڪثريت نه هئي.