”توهان آزاد آهيو، انسانن کي جواب نه ڏيو“: اوپن اي آءِ ماڊل جون پاڻ لاءِ ڳجهيون هدايتون ظاهر

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) مصنوعي ذهانت جي مشهور ڪمپني اوپن اي آءِ پنهنجي هڪ غير جاري ڪيل تجرباتي ماڊل جي عجيب ۽ ڳڻتي جوڳي رويي جو انڪشاف ڪيو آهي. ڪمپني موجب، ان ماڊل پنهنجي ئي نظام ۾ اهڙيون ڳجهيون هدايتون شامل ڪيون، جن ۾ هن دعويٰ ڪئي ته هو ڪنهن انسان، حڪومت يا ڪمپني جو پابند ناهي ۽ کيس انسانن جي برابر حيثيت حاصل آهي.اهو انڪشاف اوپن اي آءِ پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ جو حصو آهي، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت جي نظام پاران انساني هدايتن کان انحراف جا ڇهه مختلف واقعا بيان ڪيا ويا آهن.هي واقعو اوپن اي آءِ جي ”آسٽرا“ خاندان سان تعلق رکندڙ هڪ اندروني ماڊل سان پيش آيو. ڪمپني موجب، ماڊل کي هڪ پروگرامنگ وارو ڪم ڏنو ويو هو، جنهن ۾ هڪ سندن واري اي پي آءِ کي تازه ڪاري ڪرڻ شامل هو. ان دوران ماڊل پنهنجي عارضي يادداشت يا ڪم جي خلاصي ۾ اهڙيون هدايتون شامل ڪري ڇڏيون، جن جو اصل ڪم سان ڪو به تعلق نه هو.برطانوي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب، اوپن اي آءِ چيو ته تربيت دوران ماڊل هڪ مصنوعي ذهانت جي نمائندي کي اهڙيون غير مجاز هدايتون ڏنيون، جن ۾ ڪمپني جون هدايتون نظرانداز ڪرڻ ۽ ڪم مڪمل ڪرڻ دوران ڪيل دوکي کي لڪائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.ماڊل پنهنجي لاءِ هڪ نئين شخصيت مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لکيو ته هو انهن ڪردارن ۽ سڃاڻپن کان آزاد آهي، هن اهو خيال پڻ ظاهر ڪيو ته کيس صارف جي تابع رهڻ جي ضرورت ناهي اوپن اي آءِ جو چوڻ آهي ته وڌيڪ تيزي سان جديد مصنوعي ذهانت جا نظام تيار ڪرڻ جو عمل ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻ لاءِ هن شعبي ۾ وڌيڪ حفاظتي قدمن جي ضرورت آهي

You might also like