اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان ۽ پاڪ چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو آهي ته صوبن جا وڏا وزير وار لارڊ بڻجي ويا آهن،اهي ڊليور ڪن نه ڪن،ڪو به پڇڻ وارو ناهي،هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ارب پتي ماڻهو چئي رهيا آهن ته شاهاڻي ۽ مغل طريقي سان خرچ ڪري قومي خزاني کي ختم ڪنداسين،عوام ۽ حڪمرانن وچ ۾ جيڪي ويڇا آهن انهن جا تمام گهڻا سنجيده نتيجا نڪرڻ وارا آهن،هن چيو ته قائداعظم پاڪستان ان ڪري نه ٺاهيو هو ته ڪجهه خاندان ان کي پنهنجي بادشاهت سمجهي حڪمراني ڪن،هن چيو ته 18هين ترميم سان اهو ٿيو ته اختيار صوبن کي ويا آهن پر صوبن جا وڏا وزير وار لارڊ بڻجي ويا آهن،هڪ زماني ۾ چين ۾ وار لارڊ هوندا هئا اهي به جيڪا مرضي اچي ڪندا هئا،اسان وٽ به وڏا وزير ڪارڪردگي به نٿا ڏيکارين ،ڪا پڇا ڳاڇا ناهي،هٺ ڌرمي به ڪري رهيا آهن،هن چيو ته عوام کي ڪجهه به نه پيو ملي،انهن ويڇن سان سنگين نتيجا نڪرڻ وارا آهن،هن چيو ته اسان جو پاڪستان مصر جو سيسي ناهي يا آفريڪا ناهي،عوام۾ مزاحمت جو ڪلچر آهي،قائداعظم هي ملڪ جمهوريت ذريعي بڻايو هو،عوام جڏهن ٻاهر نڪتو ته انهن حڪمرانن کي خبر پئجي ويندي،اڳوڻي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان جي عوام جي فلاح بهبود جي هڪ ئي ايجنڊا هئڻ گهرجي،جنهن کي سٽيزن سينٽرڪ گورننس چئبو آهي،توهان ان طرف نه ويا ته اهي شهري اٿي سڀني حڪمرانن کي ماريندا،اهي حڪمرانن جي گهرن ۾ گهڙي چوندا ته اسان کي پنهنجو حق ڏيو