مڪه گڏيل دفاعي معاهدو قائم ٿيڻ کان ڪجهه ئي هفتن پوءِ پنهنجي پهرين چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي: سعودي عرب ۽ يمن جي حوثي مليشيا وچ ۾ وڌندڙ تڪرار. باغي گروهه ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي سعودي هوائي اڏن ۽ اهم تيل جي سهولتن کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته سعودي عرب يمن جي حوثين جي قبضي هيٺ علائقن تي هوائي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. حوثين ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي تيل بردار جهازن کي به نشانو بڻايو آهي.
ڇڪتاڻ جي شروعات جولاءِ جي وچ ڌاري ٿي، جڏهن يمن جي سرڪاري فوجن صنعا ايئرپورٽ تي ايران کان ايندڙ هڪ اڏام تي حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ حوثين باضابطه طور سعودي عرب جي سامونڊي ناڪابنديءَ جو اعلان ڪيو ۽ سعودي جهنڊو لڳل جهازن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. حوثي 2014ع کان يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت خلاف وڙهي رهيا آهن. 2022ع ۾ جنگ ڪندڙ ڌرين وچ ۾ عالمي ثالثيءَ سان جنگبندي ٿيڻ کان پوءِ تشدد ۾ گهٽتائي آئي هئي، پر جولاءِ واري واقعي کان پوءِ ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جڏهن مليشيا جنگبندي ٽوڙي، ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي جهازن جي ناڪابنديءَ جو اعلان ڪيو ۽ سعودي جهازن تي حملا شروع ڪيا. سندن آخري مقصد سعودي عرب کي يمن مان ڪڍڻ ۽ علائقي تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي. اها تازي ڇڪتاڻ اولهه ايشيا ۾ تڪرار کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي، ان وقت به جڏهن آمريڪا ۽ ايران جي جنگ بنا ڪنهن پڄاڻيءَ جي جاري آهي. هاڻي جڏهن ويڙهه سعودي عرب کي سڌيءَ ريت خطري ۾ وجهي رهي آهي، تڏهن ڇا سعودي عرب اتحاد جي گڏيل دفاع واري شق لاڳو ڪندو، جيڪا هڪ ميمبر تي حملي کي سڀني ميمبرن تي حملو تصور ڪري ٿي؟ سڄي خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺندڙ وڏي جنگ جو خطرو دنيا جي باقي ملڪن لاءِ به سنگين اثر رکي ٿو.
حوثي، جيڪي اڳ ئي يمن جي وڏي حصي تي قابض آهن، حڪومتي فوجن خلاف اوچتي ۽ تيز فوجي ڪارروائيءَ ۾ هڪ اهم ٻيٽ تي قبضو ڪري چڪا آهن، جنهن سان باب المندب تي سندن مڪمل ڪنٽرول قائم ٿي ويو آهي. باب المندب اهو اهم سامونڊي گذرگاهه آهي، جنهن مان دنيا جي 12 سيڪڙو واپار جي آمدرفت ٿئي ٿي. هاڻي حوثين يمن جي ڳاڙهي سمنڊ واري سامونڊي ڪناري جي 90 سيڪڙو حصي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. حوثي قيادت جو چوڻ آهي ته هو ڳاڙهي سمنڊ ۾ سموري واپاري جهازراني روڪڻ نٿا چاهين، رڳو سعودي عرب سان لاڳاپيل جهازن کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا. پر وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ٻين جهازن جو به ان علائقي کان پري رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن آبنائي هرمز لڳ ڀڳ بند آهي، تڏهن صورتحال ڌماڪيدار بڻجي وئي آهي. عالمي توانائيءَ جون مارڪيٽون، جيڪي اڳ ئي آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇهن مهينن کان جاري جنگ سبب لوڏي جو شڪار آهن، وڌيڪ ڌڪ لاءِ تيار ٿي رهيون آهن. سعودي عرب، جيڪو ايران جي جنگ کان پري رهيو هو، هاڻي وڏي تڪرار ۾ ڇڪجي وڃڻ جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ايران سان هم آهنگ سمجهيو ويندڙ هڪ مليشيا جي انهن ڪاررواين تڪرار ۾ هڪ نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي. اهي حملا ان وقت ٿيا، جڏهن مبينا طور عراق مان هڪ ٻي ايران سان لاڳاپيل مليشيا طرفان ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن سبب سعودي عرب مان گذرندڙ اوڀر-اولهه تيل پائيپ لائين کي عارضي طور بند ڪرڻو پيو. گڏيل طور انهن حملن سعودي تيل جي برآمدات کي متاثر ڪيو آهي. عام طور تي قبول ڪيو وڃي ٿو ته ايران حوثين جي حمايت ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اهو گروهه تهران کان آزاد به ڪارروائيون ڪندو آهي.
سعودي عرب تي حملا ان وقت ايران جي مفاد ۾ يقيني طور ناهن، جڏهن هو آمريڪا سان پنهنجي وجود جي جنگ ۾ مصروف آهي ۽ ان جا اثر اڳ ئي نظر اچي رهيا آهن. سعودي عرب، جيڪو هينئر تائين ايران جي جنگ کان پاڻ کي پري رکندو آيو آهي، هاڻي وڏي علائقائي تڪرار ۾ ڇڪجي وڃڻ جي خطري ۾ آهي. جيتوڻيڪ ايران ٻنهي مليشين پاران سعودي تيل جي بنيادي ڍانچي تي حملن کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي، پر انهن واقعن رياض ۽ تهران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي آهي. حملن کان پوءِ ايران ۽ خليجي ملڪن وچ ۾ آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ بابت ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون. هي ٻن سالن کان پوءِ ايران ۽ خليجي تعاون ڪائونسل (GCC) جي اهم ميمبر ملڪن وچ ۾ پهرين ملاقات هجي ها. عمان ۾ ٿيندڙ اها ملاقات ان ڪوشش جو حصو هئي، جنهن جو مقصد اهم سامونڊي گذرگاهه مان آزاد آمدرفت کي يقيني بڻائڻ لاءِ علائقائي حل ڳولڻ هو. تازي ڇڪتاڻ ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.
جيئن جيئن ويڙهه پکڙجي رهي آهي، سعودي عرب پاڻ کي جنگ جي اڳين صفن ۾ ڏسي رهيو آهي. تازي صورتحال ۾ رپورٽن موجب سعودي عرب آمريڪي فوجي مدد طلب ڪئي، پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته حوثين کيس يقين ڏياريو آهي ته هو تڪرار کي وڌائڻ نٿا چاهين. ان پيش رفت تڪرار کي هڪ دلچسپ رخ ڏنو آهي. چيو وڃي ٿو ته ٽرمپ جو ردعمل سعودي عرب جي ان ناڪاميءَ سبب آهي، جنهن تحت هن ايران خلاف ٽرمپ جي جنگ جي سرگرم حمايت نه ڪئي.
آمريڪا ۽ اسرائيل ماضيءَ ۾ فلسطيني مزاحمت جي حمايت سبب حوثين خلاف ميزائل حملا ڪري چڪا آهن. پر سوال اهو به آهي ته سعودي عرب ۽ حوثين وچ ۾ تڪرار ۾ آمريڪي مداخلت ڇا ان صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، جنهن جي ذميواري پاڻ واشنگٽن تي به عائد ٿئي ٿي؟ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ رڳو خطي ۾ آمريڪا جي ايجنڊا کي فائدو پهچائيندي.
هينئر تائين سعودي عرب باضابطه طور مڪي دفاعي اتحاد جي شق لاڳو ناهي ڪئي، جنهن تحت حملي جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ کي سعودي عرب جي دفاع لاءِ اچڻو پوندو. پر تڪرار جي پکڙجڻ سان صلاح مشورا جاري آهن. حوثين جي وڌندڙ جارحاڻين ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون اڃا جاري آهن. رپورٽن موجب پاڪستان جي فوجي سربراهه ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ٻنهي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. اهو پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته پاڪستان ايران تائين سعودي پيغام پهچايو، جنهن ۾ تهران تي زور ڏنو ويو ته هو حوثين کي روڪي، ۽ تهران کي رياض سان اسلام آباد جي معاهدي واري وابستگيءَ جي ياد ڏيارائي وئي. دفاع واري وزير خواجا آصف تازو چيو ته سعودي عرب خلاف بنا ڪنهن اشتعال جي جارحيت يا ان جو اثر سعودي عرب تائين پکڙجڻ سان معاهدو فعال ٿي ويندو، ”ان بابت ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.“
ان کان اڳ اپريل 2026ع ۾ سعودي عرب جي دفاع واري وزارت اعلان ڪيو هو ته سيپٽمبر 2025ع ۾ ٿيل ٻطرفي دفاعي معاهدي تحت پاڪستاني فوجي دستو جنگي ۽ مددگار جهازن سان گڏ ڪنگ عبدالعزيز ايئربيس تي پهچي چڪو آهي. تنهن هوندي به خواجا آصف جي بيان کان پوءِ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو، ”منهنجو خيال ناهي ته اسان کي هن موضوع تي ان جي فعال ٿيڻ جي حوالي سان بحث ڪرڻ گهرجي.“ صورتحال پاڪستان ۽ وڏي خطي ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهي، ۽ وڌندڙ تڪرار انهن ملڪن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿو، جيڪي ايران جي جنگ کان پري رهيا آهن ۽ ان جي ڳالهين ذريعي پڄاڻي ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.
پاڪستان کي اهڙي تڪرار ۾ وڌيڪ محتاط رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ملڪ لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هي هڪ خطرناڪ ڇڪتاڻ آهي، جنهن کي جنگ بدران ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.