پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ غير جمهوري مداخلتن جا ڪيترائي دور گذريا آهن. هر دور ۾ آئين کي معطل يا محدود ڪرڻ، پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سياسي عمل کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ جا تجربا ڪيا ويا. ڪڏهن اهڙن قدمن کي قومي مفاد جو نالو ڏنو ويو، ڪڏهن سياسي بحرانن کي جواز بڻايو ويو ۽ ڪڏهن حڪمرانن جي ناڪاميءَ کي مداخلت لاءِ دليل طور پيش ڪيو ويو. پر نتيجو اهو نڪتو ته ادارا مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيا، سياسي بي يقيني وڌي ۽ ملڪ جي جمهوريت بار بار پوئتي هلي وئي.
انهيءَ تاريخ مان سڀ کان وڏو سبق اهو ملي ٿو ته جيڪڏهن ملڪ کي مستقل سياسي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻو آهي ته اقتدار جي سمورن مرڪزن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻو پوندو. دفاع، انتظاميا، عدليه، پارليامينٽ، حڪومت ۽ سياسي پارٽين سڀني لاءِ آئين ئي بنيادي رهنما هجڻ گهرجي. ڪنهن به اداري يا فرد کي پنهنجي آئيني دائري کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سان نه رڳو جمهوريت ڪمزور ٿيندي آهي، پر ان جو اثر آخرڪار رياست جي ادارن ۽ عوام جي اعتماد تي به پوندو آهي.
پر هتي سياسي حڪومتن جي خراب ڪارڪردگي به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن حڪمران عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، ڪرپشن، خراب صحت ۽ تعليم، ناقص مڪاني نظام ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ کان نجات نه ڏياري سگهندا ته عوام ۾ مايوسي وڌندي. جڏهن عام ماڻهو اهو محسوس ڪرڻ لڳي ته چونڊيل حڪومت سندس مسئلا حل ڪرڻ بدران اقتدار بچائڻ ۾ مصروف آهي ته جمهوري نظام جي ساک متاثر ٿيندي آهي. اهڙي صورتحال غير جمهوري قوتن کي سياسي ميدان ۾ مداخلت لاءِ دليل فراهم ڪندي رهي آهي.
ان ڪري حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته گڊ گورننس رڳو انتظامي اصطلاح ناهي، پر جمهوريت جي حفاظت جو اهم ذريعو پڻ آهي. شفاف حڪمراني، ميرٽ، احتساب، قانون جي هڪجهڙي بالادستي، ڪرپشن خلاف اثرائتي ڪارروائي، عوامي شڪايتن جو ازالو ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ سان حڪومت عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهي ٿي. عوام جڏهن پنهنجي چونڊيل حڪومت کي مسئلا حل ڪندي ڏسندو ته جمهوري نظام جي بنياد وڌيڪ مضبوط ٿيندي. خاص طور تي سياسي حڪومتن کي پنهنجي اندروني ڪمزورين تي به نظر وجهڻ گهرجي. پارليامينٽ جو مقصد رڳو قانون پاس ڪرڻ يا سياسي بيان بازي ڪرڻ نه آهي. پارليامينٽ کي عوام جي مسئلن تي سنجيده بحث، حڪومتي پاليسين جي نگراني، بجيٽ جي اثرائتي جاچ ۽ ادارن جي آئيني ڪارڪردگيءَ جي نگراني جو مرڪز بڻجڻ گهرجي. جيڪڏهن پارليامينٽ پاڻ ڪمزور ٿيندي ته جمهوريت جي دعويٰ به ڪمزور ٿيندي.
ساڳئي وقت سياسي جماعتن کي هڪ ٻئي کي پنهنجو دشمن سمجهڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اختلاف جمهوريت جو لازمي حصو آهن، پر اختلاف کي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي. پارلياماني جماعتن کي حڪومت ٺاهڻ يا اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي، پر آئين، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري تسلسل جهڙن بنيادي معاملن تي گڏيل موقف رکڻ گهرجي. ماضي ۾ سياسي جماعتن جي باهمي اختلافن جو فائدو ڪيترائي ڀيرا غير جمهوري قوتن ورتو. جڏهن سياسي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف اهڙي حد تائين وڃي پهتيون جو جمهوريت جي مجموعي بقا کان وڌيڪ اقتدار جي جنگ اهم بڻجي وئي، تڏهن جمهوري نظام ڪمزور ٿيو. تنهن ڪري اڄ جي سياسي جماعتن لاءِ ضروري آهي ته اهي ماضي مان سبق وٺن ۽ اقتدار جي عارضي مفادن کان مٿانهون ٿي جمهوري تسلسل کي اهميت ڏين.
آمريتي مداخلت کي روڪڻ لاءِ حڪمرانن کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو به احتساب ڪرڻو پوندو. خراب حڪمراني، ڪرپشن، اقرباپروري، ادارن ۾ سياسي مداخلت ۽ عوامي مسئلن کان لاتعلقي جيڪڏهن برقرار رهندي ته رڳو آمريتي مداخلت خلاف نعرا هڻڻ سان جمهوريت محفوظ نه ٿيندي. جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جمهوريت جي اندر موجود ڪمزورين کي به ختم ڪرڻو پوندو. خاص طور تي مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ هن سلسلي ۾ اهم قدم ٿي سگهي ٿو. اقتدار ۽ مالي وسيلا جيڪڏهن هيٺين سطح تائين منتقل ٿين ته عوام کي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو سڌو تجربو ٿيندو. شهرن، ضلعن ۽ مقامي ادارن کي بااختيار بڻائڻ سان نه رڳو گڊ گورننس بهتر ٿيندي، پر سياسي نظام سان عوام جو تعلق به مضبوط ٿيندو.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جون سڀ پارلياماني ۽ جمهوري قوتون گهٽ ۾ گهٽ انهن بنيادي اصولن تي گڏ ٿين ته اقتدار جو سرچشمو عوام جو ووٽ آهي، رياست جا ادارا آئين تحت ڪم ڪندا، پارليامينٽ جي بالادستي تسليم ڪئي ويندي، سياسي اختلافن کي جمهوري طريقي سان حل ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به غير آئيني مداخلت کي قبول نه ڪيو ويندو. حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻو آهي، پر جمهوريت جي بقا جي قيمت تي نه.تنهن ڪري وقت جو تقاضو آهي ته سياسي جماعتون ماضي جي تلخ تجربن مان سبق وٺن، هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ بدران جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مقابلي ۽ تعاون جو متوازن رستو اختيار ڪن. حڪمران پنهنجي حڪمراني بهتر ڪن، مخالف ڌر آئيني جدوجهد کي مضبوط ڪري ۽ سڀ پارلياماني قوتون آئين جي بالادستي تي گڏيل عهد ڪن. ملڪ کي جيڪڏهن واقعي مستحڪم، جمهوري ۽ آئيني رستي تي هلڻو آهي ته آمريتي مداخلت خلاف سڀ کان مضبوط جواب بهتر حڪمراني، مضبوط پارليامينٽ، قانون جي بالادستي ۽ عوام جي ووٽ جي حرمت ئي ٿي سگهي ٿو.