سنڌ ۾ غذائي تحفظ: عالمي سهڪار کان نتيجن تائين

رحمت الله ٻرڙو

سنڌ ۽ پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جو مسئلو رڳو بک جي موجودگيءَ جو نالو ناهي، پر اهو صحت، تعليم، غربت، روزگار، صاف پاڻي، زراعت، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي تحفظ سان ڳنڍيل هڪ پيچيده مسئلو آهي. ان ڪري جڏهن ملڪ ۾ ڀوک جي خاتمي ۽ غذائي تحفظ لاءِ عالمي ادارن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ڪوششن جو ذڪر ٿئي ٿو ته ان کي رڳو هڪ پروگرام يا امدادي سرگرمي جي طور تي ڏسڻ بدران هڪ وڏي سماجي ذميواري جي تناظر ۾ سمجهڻ گهرجي.

تازو خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام (WFP) جي پاڪستان ۾ نمائندي ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر انيتا هرش جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات دوران زچه ۽ ٻار جي صحت، ماءُ جو کير، حفاظتي ٽيڪا، ابتدائي ٻالڪپڻ جي نشوونما، غذائي کوٽ، اسڪول ميلز ۽ موسمياتي لچڪ بابت جيڪي نقطا سامهون آيا، اهي پاڪستان جي غذائي بحران جي ڪيترن ئي پاسن کي واضح ڪن ٿا.

WFP موجب بينظير نشوونما پروگرام جي شروعات کان وٺي ملڪ ۾ 30 لک کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار فائدو حاصل ڪري چڪا آهن، جن ۾ سنڌ جا 17 لک کان وڌيڪ مستحق شامل آهن. انگ اکر پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته انهن پروگرامن جو اثر مستحق خاندانن جي روزمره زندگيءَ ۾ ڪيترو محسوس ٿيو آهي؟ ڇا ٻارن جي غذائي حالت بهتر ٿي رهي آهي؟ ڇا ماءُ ۽ ٻار جي صحت جا بنيادي معيار بهتر ٿيا آهن؟ ڇا غذائي سهڪار مستقل خودمختياري ۾ تبديل ٿي رهيو آهي؟اهي سوال ان ڪري به اهم آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به عالمي فنڊ يا سرڪاري پروگرام جي ڪاميابي صرف خرچ ٿيل رقم يا مستفيد ماڻهن جي انگ سان ماپي نٿي سگهجي. اصل ڪاميابي نتيجن سان ماپڻ گهرجي.

سنڌ ۾ غذائي کوٽ کي سمجهڻ لاءِ غربت ۽ خوراڪ جي دستيابيءَ سان گڏ صاف پاڻي، صفائي، بنيادي صحت مرڪزن جي ڪارڪردگي، عورتن جي تعليم، ٻارن جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ خاندانن جي معاشي حالت کي به ڏسڻو پوندو. جيڪڏهن هڪ ٻار کي اسڪول ۾ هڪ وقت جو کاڌو ملي ٿو پر سندس گهر ۾ صاف پاڻي موجود ناهي، ماءُ کي مناسب غذائي سهولت حاصل ناهي ۽ خاندان وٽ مستقل آمدني جو ذريعو ناهي ته صرف اسڪول ميل پروگرام سان مسئلو مڪمل طور حل نٿو ٿي سگهي.

WFP جو ملير ۽ ڪياماڙي جي 614 سرڪاري اسڪولن ۾ هڪ لک ٻارن کي کاڌو فراهم ڪرڻ وارو پروگرام ان لحاظ کان اهم آهي ته اسڪول کي صرف تعليم جي جاءِ بدران ٻار جي مجموعي فلاح جو مرڪز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر ان سان گڏ اسڪولن ۾ ڪچن گارڊنز ۽ زرعي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي تجويز وڌيڪ وسيع سوچ جي گهرج ڪري ٿي. جيڪڏهن ٻار اسڪول ۾ ڀاڄيون پوکڻ، خوراڪ جي اهميت، غذائيت ۽ صحت بابت عملي طور سکن ٿا ته اهو علم سندن خاندانن تائين به منتقل ٿي سگهي ٿو.سنڌ زرعي لحاظ کان وسيع وسيلن وارو صوبو آهي. ان باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ غذائي کوٽ موجود هجڻ هڪ اهم پاليسي سوال پيدا ڪري ٿو: ڇا اسان جي زرعي پيداوار ۽ مقامي خوراڪ جو نظام عام ماڻهوءَ جي غذائي ضرورتن سان ڳنڍيل آهي؟ جيڪڏهن مقامي سطح تي ڀاڄين، ميون، دالين، کير ۽ ٻين غذائي شين جي پيداوار وڌائي وڃي، عورتن ۽ ننڍن آبادگارن کي مارڪيٽ تائين رسائي ڏني وڃي ۽ اسڪولن توڙي مقامي ادارن کي ان نظام سان ڳنڍيو وڃي ته غذائي تحفظ کي ڊگهي مدي واري معاشي سرگرمي سان به جوڙي سگهجي ٿو.

موسمياتي تبديلي هن مسئلي کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. 2022ع جي تباهي واري ٻوڏ سنڌ جي زراعت، گهرن، مال، روزگار ۽ صحت جي نظام کي وڏو نقصان پهچايو. ان تجربي مان اهو سبق ملي ٿو ته قدرتي آفت اچڻ کان پوءِ امداد پهچائڻ ڪافي ناهي؛ اڳواٽ خبرداري، پيشگي قدم، مقامي تياري ۽ معاشي تحفظ کي پاليسي جو حصو بڻائڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ کان محفوظ گهرن جي تعمير ۽ انهن جي ملڪيت عورتن کي ڏيڻ جو ذڪر پڻ سماجي تحفظ جي بحث ۾ اهم آهي. محفوظ گهر عورت کي صرف ڇت فراهم نٿو ڪري، پر جيڪڏهن ملڪيت جو قانوني حق به ان جي نالي تي هجي ته اهو خاندان جي معاشي ۽ سماجي تحفظ کي مضبوط ڪري سگهي ٿو. اهڙن منصوبن ۾ شفافيت، معيار ۽ مستحق ماڻهن جي صحيح چونڊ بنيادي اهميت رکن ٿا.پر هتي هڪ ٻيو بنيادي سوال به سامهون اچي ٿو: عالمي ادارن ۽ حڪومتن جي گڏيل پروگرامن جي نگراني ڪيئن ٿي رهي آهي؟ ڪيترو فنڊ جاري ٿيو، ڪٿي خرچ ٿيو، ڪيترا ماڻهو واقعي فائدو وٺي رهيا آهن ۽ مقرر ڪيل هدفن مان ڪيترا حاصل ٿيا. انهن سڀني معاملن بابت عوام کي قابلِ فهم معلومات ملڻ گهرجي.

غذائي تحفظ جي منصوبن کي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي نتيجن جي بنياد تي جانچڻ جي ضرورت آهي. صرف اهو ٻڌائڻ ڪافي ناهي ته لکين ماڻهو پروگرام مان فائدو وٺي رهيا آهن؛ اهو پڻ ٻڌائڻ ضروري آهي ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي شرح ڪيتري گهٽجي، اسڪول حاضري تي ڪهڙو اثر پيو، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۾ ڪهڙي بهتري آئي ۽ موسمياتي آفتن کان متاثر خاندانن جي معاشي حالت ڪيتري بحال ٿي.

سنڌ جهڙي صوبي ۾ حڪومت، گڏيل قومن جي ادارن، عالمي ترقياتي ڀائيوارن، مقامي ادارن، اسڪولن، صحت کاتي، زراعت کاتي ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي ضروري آهي. ساڳئي وقت مقامي برادرين کي صرف امداد وٺندڙ نه، پر منصوبابندي ۽ نگرانيءَ ۾ شريڪ ڌر بڻائڻو پوندو.بک جو خاتمو ڪنهن هڪ اداري جو ڪم ناهي. اهو رياست، حڪومت، عالمي ادارن ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي. جيڪڏهن غذائيت کي صحت، تعليم، زراعت، روزگار، صاف پاڻي ۽ موسمياتي تحفظ سان گڏ ڏٺو وڃي ته نتيجا وڌيڪ پائيدار ٿي سگهن ٿا.

سنڌ لاءِ اصل امتحان هاڻي اهو آهي ته عالمي سهڪار ۽ وڏي پيماني تي هلندڙ پروگرامن کي زميني سطح جي پائيدار تبديلي ۾ ڪيئن تبديل ڪيو وڃي. هر ٻار کي مناسب غذا، هر ماءُ کي صحت جي سهولت، هر خاندان کي محفوظ خوراڪ ۽ هر اسڪول کي صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ انگن اکرن کان اڳتي وڌي نتيجن تي ڌيان ڏيڻو پوندو.ڇو ته غذائي تحفظ رڳو پيٽ ڀرڻ جو نالو ناهي،اهو هڪ صحتمند، پڙهيل، محفوظ ۽ بااختيار نسل جي بنياد رکڻ جو سوال آهي.

You might also like