تيل کانسواءِ پاپڙ ترڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان جي مهيني ۾ افطاري جي دسترخوان تي رکيل ٻارن جي سڀ کان پسنديدهه شيءَ پاپڙ هوندا آهن جن کي هو سڄو سال ٻاهران خريد ڪري کائيندا آهن.
بازارن مان ملندڙ تريل شين بابت يقين سان نٿو چئي سگھجي ته انهن جي تياري ۾ صاف سٿرين شين يا تيل جو استعمال ٿيو هوندو.
افطاري ۾ کاڌيون ويندڙ گھڻيون شيون تريون وينديون آهن، خاص طور تي ٻارن کي رنگ برنگي پاپڙ تمام گهڻا پسند هوندا آهن جن کي مهانگي تيل ۾ تريو ويندو آهي.
اڄ اسان اوهان کي اهڙو سستو ۽ سولو طريقو ٻڌائينداسين جنهن سان پاپڙ تيار به ٿي ويندا ۽ انهن کي تيل يا گيهه ۾ ترڻو به نه پوندو ۽ تيل جي بچت سان صحت تي به سٺو اثر پوندو.
ان جو طريقو اهو آهي ته سڀ کان پهريان لوهه جي ڪڙهائيءَ ۾ لوڻ ڀري ڇڏيو ۽ ان کي سٺي طرح گرم ڪري وٺو، جڏهن لوڻ گرم ٿي وڃي ته ان ۾ پاپڙ وجهي چمچي سان سٺي طرح لوڻ ۾ گڏائيندا رهو، هڪ منٽ ۾ ئي اوهان جا مزيدار ۽ ڪڙڪ پاپڙ تيار ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.