ايڪس (ٽوئيٽر) تي نئين سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪمپني يوٽيوب جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايڪس (ٽوئيٽر) تي اسٽريمنگ سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ايڪس جي سي اِي او جو چوڻ آهي ته ڪمپني جلد ايميزون ۽ سام سنگ سمارٽ ٽي وي لاءِ هڪ ٽي وي ايپ لانچ ڪرڻ پئي وڃي، اسٽريمنگ سروس تي ماڻهو پنهنجي سمارٽ ٽي وي جي اسڪرين تي ڊگھن وڊيوز مان مزو وٺي سگھندا.
ايڪس تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ايلون مسڪ جو چوڻ هو ته اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته ماڻهو آرام سان پنهنجي وڏي ٽي وي جي اسڪرين تي ڊگھيون وڊيوز ڏسي سگھن.
هن چيو ته ماڻهو پنهنجي فون سان پنهنجي ٽي وي تي وڊيوز هلائڻ لاءِ ايپل ايئر پلي جو استعمال ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.