ٿوري فرق ۽ نئين انتظام سان ٽوئيٽر واپس اچي ويو!

آمريڪي رياست ورجينيا ۾ قائم اسٽارٽ اَپ ’آپريشن بليو برڊ‘ Twitter.now نالي نئون سوشل ميڊيا پليٽ فارم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب هي پليٽ فارم ايلون مسڪ جي ڪمپني ’ايڪس‘ سان لاڳاپيل ناهي.

آپريشن بليو برڊ جي اڳواڻي اڳوڻي ٽوئيٽر جي ٽريڊ مارڪ وڪيل اسٽيفن ڪوٽس ڪري رهيو آهي. ڪمپني جو موقف آهي ته ’ايڪس‘ 2023ع ۾ ٽوئيٽر کي ’ايڪس‘ ۾ تبديل ڪرڻ کانپوءِ ٽوئيٽر جي برانڊ نالي جا حق ڇڏي ڏنا هئا.

Twitter.now تي پراڻي ٽوئيٽر جهڙو انداز نظر اچي ٿو، جنهن ۾ جواب ڏيڻ ۽ پوسٽون ٻيهر شيئر ڪرڻ جون سهولتون پڻ موجود آهن. هي پليٽ فارم ’ويرا‘ نالي هٿرادو ڏاهپ واري نظام جو استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو پوسٽن ۾ ڪيل دعوائن جي جاچ، انهن جا ذريعا ۽ پسمنظر فراهم ڪرڻ سان گڏ اعتماد جو اسڪور ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

هي پليٽ فارم اهڙي وقت شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ان حوالي سان قانوني تڪرار به هلندڙ آهي. ’ايڪس ڪارپ‘ آپريشن بليو برڊ خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽوئيٽر نالي ۽ ان سان لاڳاپيل ٽريڊ مارڪن جي استعمال کي چئلينج ڪيو آهي.

اپريل 2026ع ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران جج ’ايڪس‘ جي ڪجهه ٽريڊ مارڪ دعوائن تي سوال اٿاريا هئا، پر ان معاملي تي اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو سامهون ناهي آيو.

You might also like