وزيراعظم کي دنيا مان ايڏيون دعوتون ملن ٿيون، پريشان آهيون ته ڪاڏي وڃئون؟ اسحاق ڊار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن دنيا جي مختلف ملڪن مان ايترا دعوتناما اچن ٿا، جو چونڊڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته سندس قيادت ۾ ڀارت خلاف ڪاميابي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکبي.
لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪامن ويلٿ جو سيڪريٽري جنرل نوجوانن بابت پاڪستان جي ڪم مان خوش آهي.
برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ سان ڪجهه هفتا اڳ منيلا ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن دوران دهشتگردي جي خاتمي، واپار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون.
پاڪستاني شين جون برطانيا ڏانهن برآمدون وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪ-برطانيا واپار کي وڌيڪ وڌايو ويندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر سان پڻ ملاقات ٿي، جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي برطانوي اختيارين ساراهيو.
برطانوي وزيرن چيو ته پاڪستان ڏکئي وقت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي واکاڻ ڪئي.
هن چيو ته اسان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي ڊفالٽ جو خدشو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي.
وزيراعظم کي دنيا مان ايترا دعوتناما اچن ٿا، جو چونڊڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو ته ڪاڏي وڃئون.

You might also like