فوجي هيليڪاپٽر تباهه، 2 آمريڪي فوجين سوڌو 3 ڄڻا فوت

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 آمريڪي فوجين سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب آمريڪا جي ميڪسيڪو سرحد تي گشت ڪندڙ نيشنل گارڊ جو هيليڪاپٽر جمعي جي ڏينهن ٽيڪساس رياست ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 2 فوجي ۽ 1 آمريڪي بارڊر پيٽرولنگ ايجنٽ فوت ٿي ويو ۽ هڪ فوجي زخمي به ٿيو.
آمريڪي فوج موجب UH-72 لڪوٽا هيليڪاپٽر سان حادثو ريو گرانڊي سٽي ٽيڪساس جي ويجهو منجهند جو اڍائي وڳي کان پوءِ پيش آيو، حادثي جي وقت هيليڪاپٽرسرحد تي هوائي مانيٽرنگ جي سلسلي ۾ مقرر هو.
فوج حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هنن کي حادثي جي موسمي حالتن بابت ڪو به اطلاع نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.