گُل گوبي جا پڪوڙا تيار ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) افطاري جي دسترخوان تي اوهان گھڻا پڪوڙا کائيندا هوندا پر گُل گوبي جا پڪوڙا گھٽ گھرن ۾ تيار ڪيا ويندا آهن.
جُز
گُل گوبي اڌ ڪلو، ميدو هڪ پيالو، ڪارن فلور اڌ پيالو، هڪ عدد بيضي جي اڇاڻ، لوڻ ذائقي موجب، ڪارا مرچ اڌ چمچو، کاڄرو تيل (ترڻ لاءِ) ضرورت موجب.
ترڪيب:
ميدي ۽ ڪارن فلور کي گڏائي ان ۾ لوڻ، اڇا مرچ، ڪارا مرچ ۽ اجوائن وجهي گڏائي وٺو.
بيضي جي اڇان کي ايترو ڦيٽيو جو سخت ٿي وڃي، ان ۾ اهي سموريون خشڪ شيون گڏائي ٿورو ٿورو ڪري ٿڌو پاڻي وجهو ۽ گهاٽو پيسٽ ٺاهي وٺو.
ڪڙاهي ۾ کاڄرو تيل وجهي وچولي باهه تي ٽن کان چئن منٽ تائين گرم ڪريو.
گُل گوبي جا گُل ڌار ڪري ڌوئي وٺو ۽ ٿوري دير خشڪ ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
ان کي پيسٽ ۾ ٻوڙي گولڊن فراءِ ڪري وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.