سينيٽ جي 48 سيٽن لاءِ چونڊ شيڊيول جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن، سينيٽ جي رٽائر ٿيندڙ 48 ميمبرن جي سيٽن تي چونڊن جو باظابطا طور شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
شيڊيول موجب، سينيٽ جي خالي سيٽن لاءِ 15 کان 16 مارچ تائين نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويندا جڏهن ته 19 مارچ تائين نامزدگي فارم جي اسڪروٽني ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن موجب، نامزدگي فارم منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 21 مارچ تائين داخل ڪري سگهبيون ۽ ٽربيونلز اپيلن تي 25 مارچ تائين فيصلا ٻڌائيندا.
واضح رهي ته سينيٽ جي 48 سيٽن تي 2 اپريل تي پولنگ ٿيندي، انهن سيٽن ۾ اسلام آباد جون ٻه سيٽون شامل آهن جنهن لاءِ قومي اسيمبلي جا ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان 11، 11 سيٽن تي لاڳاپيل اسيمبلين ۾ پولنگ ٿيندي جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ 12،12 سيٽن تي چونڊ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.