ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور فلم ’منا ڀائي ايم بي بي ايس‘ ۾ ڪرن جو مختصر ڪردار ادا ڪندڙ نوجوان اداڪار وشال ٺاڪر گذريل 10 سالن کان گم آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار 31 ڊسمبر 2015ع جي رات گهران 500 رپيا کڻي نڪتو هو. سندس آخري هنڌ پهرين جنوري 2016ع تي ممبئي ڀرسان گهوڙ بندر روڊ تي معلوم ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس فون بند ٿي ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 10 سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين وشال ٺاڪر جو ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي ۽ سندس ڪٽنب اڄ به سندس واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب گم ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ نوجوان اداڪار جي دوستياڻي مٿس جنسي زيادتي ۽ تشدد جا الزام لڳايا هئا، پر انکانپوءِ شڪايت واپس وٺي ڇڏي هئي.
ٻئي پاسي وشال ٺاڪر جي ماءُ درگا ٺاڪر جو چوڻ آهي ته مون کي اڃا به يقين آهي ته هڪ ڏينهن منهنجو پٽ ضرور واپس ايندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اداڪار کي ڳولڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، پر سندس ڪٿي به ڏس پتو نه ملي سگهيو.