بالي ووڊ جي مشهور سسپينس ٿرلر فلمن جي سلسلي جي آخري ڪڙي ”درشيم دي ڪنڪلوزن“ شوقينن جي اميدن تي مڪمل طور پوري لهي وئي آهي. شروعاتي رپورٽن ۽ تبصرن مطابق اها هن سڄي سلسلي جي سڀ کان بهترين فلم ثابت ٿي آهي جنهن کي سال جي شاهڪار فلمن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي. پهرين ئي ڏينهن سئنيما گهرن ۾ مليل ردعمل مان ظاهر آهي ته اها باڪس آفيس تي ڪاميابي جا نوان رڪارڊ قائم ڪندي ۽ وڏي ڪاميابي ماڻيندي. فلم پهرين ڏينهن ئي باڪس آفيس تي ڌماڪيدار ڪمائي ڪندي رڳو انڊيا مان اٽڪل 62 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي نيٽ ڪمائي ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ان جي گراس ڪمائي 73 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. هيءَ فلم اڳواٽ بڪنگ ۾ به 50 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪري سڀني کي حيران ڪري چڪي هئي.
فلم جي هدايتڪار اڀيشيڪ پاٺڪ جنهن هن کان اڳ ٻيو حصو به ڊائريڪٽ ڪيو هو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي اڄوڪي دور جو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. هن فلم جي اصل روح کي سمجهندي ڪهاڻي کي پراڻي انداز جي تڪرار کان هٽي ڪري هڪ نئين موڙ سان اڳيان وڌايو آهي. فلم جي هدايتڪاري ۽ مضبوط لکڻي ان جا ٻه سڀ کان وڏا ٿنڀا آهن جيڪي ڏسندڙن کي سڄي فلم دوران ٻڌي رکن ٿا.
فلم جو سڀ کان وڏو ۽ دلچسپ حصو پهرين اڌ ۾ اجي ديوگن ۽ جيديپ اهلاوت جو آمهون سامهون ٿيڻ آهي جيڪو منظر سئنيما گهرن ۾ ويٺل ماڻهن کي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. ان کانسواءِ عدالت جا منظر پڻ فلم جو اهم حصو آهن خاص طور تي پرڪاش راج جو اجي ديوگن ۽ سندس خاندان سان گڏ پهريون منظر ئي شاندار آهي. سڀ کان اهم سوال هي هو ته ڇا فلم جو آخري موڙ اميدن تي پورو لهي ٿو ته ان جو جواب ها ۾ آهي ڇاڪاڻ ته فلم جو انت انتهائي طاقتور سسپينس سان ڀريل ۽ ڏسندڙن کي مڪمل مطمئن ڪندڙ آهي.
اداڪاري جي ميدان ۾ اجي ديوگن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي يادگار ڪردار وجي سالگائونڪر جي روپ ۾ لاجواب پرفارمنس ڏني آهي. فلم جي اڌ ٿيڻ کان اڳ جيديپ اهلاوت سان گڏ سندس منظر ايترو ته زبردست آهي جو شوقينن کي فلم ٻيهر ڏسڻ تي مجبور ڪندو. جيديپ اهلاوت هن سلسلي ۾ هڪ بهترين واڌارو ثابت ٿيو آهي جنهن پنهنجي سنجيده ۽ دٻدٻي واري اداڪاريءَ سان فلم کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي.
تبو پنهنجي ڪردار ۾ ڪاوڙ درد انتقام ۽ پڪي ارادي جهڙن مختلف جذبن کي اهڙي ريت نڀايو آهي جو ثابت ٿئي ٿو ته هوءَ ئي هن ڪردار لاءِ بهترين چونڊ هئي. پرڪاش راج پنهنجي نئين ڪردار ۾ هميشه وانگر رعبدار نظر آيو آهي جڏهن ته شريا سرن رجت ڪپور ۽ ڪمليش ساونت پڻ پنهنجي پنهنجي ڪردارن سان مڪمل انصاف ڪيو آهي. فلم جي ٻين اداڪارن ۾ اشيتا دتا ۽ مرينال جاڌو پڻ پنهنجي ڪردارن ۾ ٺيڪ رهيون آهن.
فلم ۾ گيتن جي گنجائش نه هجڻ جي باوجود ان جو پٺيان هلندڙ ميوزڪ ايترو ته زبردست آهي جو هو سسپينس ۽ ڊرامي جي سنسني کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي ٿو. آخري ڳالهه اها ته هيءَ فلم باڪس آفيس سان گڏوگڏ فلمي شوقينن جي دلين تي به راڄ ڪندي ۽ اها هڪ مڪمل شاهڪار فلم آهي.