صدر آصف زرداري جو چيني هم منصب کي خط

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن پِنگ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي.
ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي، علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ اهم حثييت رکي ٿي.
صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ سميت ٻه طرفي سهڪار جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي ۽ صدر شي جن پنگ جي حمايت سي پيڪ جي ترقي لاءِ اڻٽر رهندي.
خط جي متن موجب، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ انوکي رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، فهم ۽ خيالن سان پاڪستان ۽ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.