اڏام دوران پائلٽ فلائٽ اٽينڊنٽ کي پرپوز ڪري ڇڏيو

پولينڊ ۾ هڪ پائلٽ اڏام دوران پنهنجي ساٿي فلائٽ اٽينڊنٽ کي پرپوز ڪري ان سان گڏ مسافرن کي به حيران ڪري ڇڏيو.
ڪيپٽن ڪانريڊ هينڪ اڏام دوران مائڪرو فون سنڀالي ۽ مسافرن سان مخاطب ٿيو، هن ٻڌايو ته مان پنهنجي ساٿي فلائٽ اٽينڊنٽ پولا زين سان محبت ڪندو آهيان، ڏيڍ سال ويجهڙائي کانپوءِ ان کي پرپوز ڪرڻ چاهيان ٿو، پوءِ ڪانريڊ هينڪ گلدستو ڪڍيو ۽ مسافرن سان گڏ پولا کي پرپوز ڪيو.
اهو منظر سڀني لاءِ انتهائي خوشگوار ۽ حيران ڪندڙ هو، سڀني ڪانريڊ ۽ پولا کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ڪانريڊ هينڪ ۽ پولا زين جو واسطو پولينڊ جي ايئر لائن ايل او ٽي سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.