جڏهن کان چيف جسٽس بڻيو آهيان، ڪنهن جج جي مداخلت جي شڪايت ناهي ملي: قاضي فائز عيسيٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ ڪنهن جي مداخلت قبول ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 6 جج مون سان ملڻ آيا هئا، جڏهن کان چيف جسٽس بڻيو آهيان ڪنهن جج جي مداخلت جي شڪايت ناهي ملي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته مان جڏهن کان چيف جسٽس بڻيو آهيان، هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج طرفان مداخلت جي شڪايت ناهي ملي ۽ جيڪڏهن ڪا مداخلت ٿي به آهي ته مون کي رپورٽ ناهي ڪئي وئي.
هن چيو مداخلت جا جيڪي واقعا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن رپورٽ ڪيا، اهي منهنجي چيف جسٽس بڻجڻ کان اڳ جا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي عمارت کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، تاريخي عمارتن جو تحفظ تمام ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.