تاريخ جي جهروڪي مان، جڏهن نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جي شڪست تي جشن ملهايو

سنڌيڪار سرمد سولنگي

هي ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي اڻ برابريءَ واري پاليسي جي ڏينهن جو واقعو آهي، جنوري 1950ع آسٽريلوي ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ڊربن ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ کيڏي رهي هئي، مهمان ٽيم کي کٽڻ لاءِ 336 رنسن جو هدف مليو، پهرين اننگز ۾ 75 رنسن تي ڍير ٿيندڙ آسٽريلوي ٽيم گهربل هدف نيل هاروي جي ناقابلِ شڪست 151 رنسن جي مدد سان پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ميچ جي نتيجي ڏکڻ آفريڪي تماشائين کي مايوس ڪري ڇڏيو پر ڊربن جي ڪنگز مينڊ اسٽيڊيم جي هڪ حصي ۾ موجود تماشائي ميزبان ٽيم جي شڪست تي جهمريون هڻي رهيا هئا، جشن ملهائيندڙ ڏکڻ آفريڪا جا اصلوڪا رهاڪو يعني ڪاري نسل وارا ماڻهو هئا.
انهن ۾ 31 ورهين جو اِهو شخص به شامل هو جنهن پنهنجي ملڪ ۾ نسل پرست حڪومت خلاف آواز بلند ڪيو، ڊگهو عرصو جيل ڪاٽيو، پر اڇي چمڙي ۽ ڪاري رنگ وچ ۾ نڪتل لڪير ڊاهي سرخرو ٿيو ۽ اڄ دنيا کيس نيلسن منڊيلا جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
نيلسن منڊيلا جون 1991ع ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر سان صحافين جي هڪ وفد جي موجودگيءَ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستاني صحافي قمر احمد به شامل هو، ملاقات دوران نيلسن منڊيلا ڊربن ٽيسٽ واري واقعي جو تفصيلي ذڪر ڪيو، جيڪو قمر احمد پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڄاڻايو آهي.
نيلسن منڊيلا موجب، اسين (ڪاري نسل وارا) سدائين ڏکڻ آفريڪا بدران مهمان ٽيمن کي سپورٽ ڪندا هئاسين، مان ڊربن ٽيسٽ وقت به ميدان ۾ موجود هئس، اسان کي اسٽيڊيم جي اسٽينڊ ۾ ويهڻ جي اجازت نه هئي، ڪاري نسل وارن لاءِ اسٽيڊيم ۾ ڪنڊيدار تارن جا پڃرا رکيا ويا هئا، اسان پوري ميچ انهيءَ پڃري ويهي ڏٺي هئي.
نيلسن منڊيلا اِهو به ٻڌايو ته سندس ساٿين مان ڪو ڪوبه خوش نه هو ڇاڪاڻ ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم کٽڻ جي پوزيشن ۾اچي وئي هئي پر پوءِ نيل هاروي جي سينچريءَ جي مدد سان آسٽريليا کي فاتح بڻيو، اسان جي خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو نه ھو ۽ ان ڏينهن سڀ نچندا ڪُڏندا گهر واپس ورياسين .
ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي اڻبرابري واري پاليسي ( اپارٿائيڊ ) جي نتيجي ۾ اتان جا شهري چئن حصن ۾ ورهايل هئا، جتي اڇي چمڙي وارا اڪثريت ۾ نه هئڻ باوجود حاڪم جڏهن ته ڪاري نسل وارا اڪثريت ۾ هوندي به بنيادي حقن کان محروم هئا.
نسلي اڻبرابري واري پاليسي جو اثر راندين تي پڻ پيو، اِهو ئي ڪارڻ هو جو راندين جي بين القوامي فيڊريشنز ڏکڻ آفريڪا تي پابنديون مڙهي ڇڏيون ايستائين جو انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي به ڏکڻ آفريڪا لاءِ اولمپڪس جا در بند ڪري ڇڏيا.
ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪرڪيٽ به نسلي بنيادن تي کيڏي ويندي هئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جا انگلينڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ سان مقابلا ٿيندا هئا، پر ان معاملي ان وقت ڊرامائي رخ اختيار ڪري ورتو جڏهن انگلش ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسل ڊي اوليورا جي ڪري ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم مٿان عالمي مقابلن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي مڙهي وئي.
باسل ڊي اليورا هڪ ڪيپ ڪلرڊ يعني رنگدار نسل سان واسطو رکندڙ ڪرڪيٽر هو، هو ڪيپ ٽائون ۾ ڄائو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي غير سفيد فام ٽيم جي به نمائندگي ڪئي پر پوءِ مسقبل کي نظر ۾ رکندي مشهور ڪرڪيٽ ڪامينٽيٽر جان آرلٽ جي مدد سان برطانيا هليو ويو ۽ انگلينڊ لاءِ 44 ٽيسٽ ميچون پڻ کيڏيون.
سال 1968ع ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪرڻو هو، ان دوران اِهي سوال به اُٿيا ته ڇا سليڪٽرز باسل ڊي اليورا کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪندا ؟ ڇو ته ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت ان ڳالهه کي سياسي معاملو بڻائي سگهي پئي.
ڏکڻ آفريڪا جي وزيراعظم بِي.جَي فوسٽر ظاهري طور تي اِهو اشارو ڏنو ته باسل ڊي اليورا ڏکڻ آفريڪا لاءِ قابل قبول آهي پر اصل ۾ هو سندس حق ۾ نه هو.
انگلش ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ان حقيقت باوجود ته باسل ڊي اليورا آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي هئي کيس ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ۽ ان کي غير سياسي فيصلو قرار ڏنو، برطانيا ۾ ڪرڪيٽ شوقينن احتجاج ڪندي بورڊ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ ٽام ڪاٽرائٽ جي زخمي ٿيڻ تي سليڪٽرن وٽ ڊي اوليورا کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه بچو.
ڏکڻ آفريڪا ۾ باسل ڊي اوليورا جي سليڪشن تي گوڙ ٿيو، صورتحال ايتري حد تائين بگڙي وئي جو نيٺ ايم سي سي کي دوري جي خاتمي جو اعلان ڪرڻو پئجي ويو.
جيتوڻيڪ راندين جي دنيا ۾ ڏکڻ آفريڪا جي بائيڪاٽ جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو پر باسل ڊي اوليورا جو تڪرار نسلي اڻبرابري واري پاليسي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو.
ڏکڻ آفريڪا نسلي اڻبرابري واري پاليسي جي ڏينهن ۾ پنهنجي آخري ٽيسٽ سيريز 1970ع ۾ آسٽريليا خلاف پنهنجي گهرو ميدانن تي کيڏي ۽ چار ٻڙيءَ تان کٽي، ان فاتح ٽيم جو ڪپتان ڊاڪٽر باقر علي هو جيڪو پوءِ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه پڻ بڻيو.
ان ئي سيريز ۾ حصو وٺندڙ ڪرڪيٽرن ۾ هيري رچرڊز ۽ مائيڪ پراڪٽر به شامل هئا جيڪي غير معمولي صلاحيتن باوجود ڪائونٽي ڪرڪيٽ تائين ئي محدود رهجي ويا ۽ دنيا ٻنهي ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽرن کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڏسڻ کان محروم رهجي وئي.

ڏکڻ آفريڪا ۾ باغي ڪرڪيٽ ٽيمون
ڏکڻ آفريڪا مٿان بين القوامي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي هئي پر اتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جاري رهي، ان دوران سريلنڪا، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽرن تي ٻڌل ٽيمن به ڏکڻ آفريڪا جا دورا ڪيا، انهن ٽيمن کي آءِ سي سي ۽ پنهنجي ملڪي ڪرڪيٽ بورڊز وٽان اجازت نه ملندي هئي، انڪري جيڪي ڪرڪيٽر به ڏکڻ آفريڪا ويا انهن تي پابندي لڳي.
ان سلسلي ۾ پهرين ٽيم انگلش ڪرڪيٽرن جي هئي جنهن 1982ع ۾ گراهم گوچ جي قيادت ۾ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪيو، ٽيم ۾ 11 ٽيسٽ ڪرڪيٽر شامل هئا ۽ ان دوري جا معاملا ايتري قدر ڳجها رکيا ويا جو دنيا کي تيستائين پتو پيو جيستائين اِها ٽيم جوهانسبرگ نه پهتي، ان دوري ۾ شامل ڪرڪيٽرن تي ٽي سال پابندي مڙهي وئي.
سريلنڪا سال 1982ع ۾ پنهنجي پهرين انٽرنيشنل ٽيسٽ ميچ بندولا ورنا پورا جي قيادت ۾ کيڏي هئي پر ان ئي سال ورنا پورا 14 رانديگر ساڻ ڏکڻ آفريڪا پهتو جنهن جي نتيجي ۾ سموري ٽيم تي تاحيات پابندي جو منهن ڏسڻو پيو.
ايندڙ ٻن سالن دوران ويسٽ انڊين ڪرڪيٽرن جون به ٻه ٽيمون ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي آيون، ٻنهي ٽيمن جو ڪپتان ٽيسٽ ڪرڪيٽر لارنس رو هو ۽ جنهن ۾ آلون ڪالي چرن، ڪالن ڪرافٽ، سلويسٽر ڪلارڪ، برنارڊ جولين، ڊيوڊ مري ۽ ڪالس ڪنگ جهڙا مشهور ڪرڪيٽر شامل هئا.
ان ئي دوري دوران فاسٽ بالر ڪالن ڪرافٽ کي تنهن وقت سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن کيس ڪيپ ٽائون ۾ ٽرين ۾ سفر دوران هڪ مسافر ۽ ڪنڊيڪٽر بوگي مان زوريءَ لاهي ڇڏيو ڇو ته اِها بوگي رڳو اڇي چمڙي وارن لاءِ مخصوص آهي !
باغي ٽيمن طرفان ڏکڻ آفريڪا جا دورا ڪرڻ جي معاملي ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽرَ سڀني کان اڳرا رهيا ۽ ڪِم هيوز جي قيادت ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جي ٽيم به ٻه ڀيرا ڏکڻ آفريڪا جو سفر ڪيو.
اڻويهه سئو نانوي ۾ مائيڪ گيٽنگ جي ڪپتاني ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪيو جيڪو ڪنهن به باغي ٽيم طرفان ڏکڻ آفريڪا جو آخري دورو هو.

رابن جيڪمين کي ويزا ڏيڻ کان انڪار
سال 1980 ۾ انگلينڊ جي ٽيم جڏهن ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ کيڏڻ گيانا پهتي تي اتان جي حڪومت فاسٽ بالر رابن جيڪمين کي اِهو چئي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هن جا ماضيءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا سان رابطا رهيا آهن، صورتحال ايتري قدر بگڙي وئي جو انگلش ٽيم ٽيسٽ کيڏڻ بنا واپس انگلينڊ موٽي آئي.

ڏکڻ آفريڪا جي عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي
ڏکڻ آفريڪا جي بين القوامي ڪرڪيٽ ۾ سال 1991ع ۾ واپسي ٿي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي ۽ ڏکڻ آفريڪا نومبر 1991ع ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ڀارت خلاف ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊن ۾ کيڏي، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي قيادت 41 ورهين جي ڪلائيو رائس ڪئي هئي.
ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو 1992 واري عالمي ڪپ ۾ حصو ورتو، جيڪو پروٽيز لاءِ هڪ يادگار لمحو هو، ڪيپلز ويسلز جي قيادت ۾ اِها ٽيم سيمي فائنل تائين پهتي جتي برسات سبب متاثر ميچ ۾ هڪ تڪراري قانون فائنل تائين ان جي رسائي ۾ رنڊڪ بڻجي ويو، ڪرڪيٽ شوقين اڄ به اِهي منظر نه وساري سگهيا آهن جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ هڪ بال تي 22 رنسن جو هدف مليو.
اِهو عالمي ڪپ 40 ورهين جي ليفٽ آرم اسپنر عمر هنري کي به تاحيات ياد رهندو ڇو ته هو ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪاري نسل سان واسطو رکندڙ پهريون ڪرڪيٽر هو جنهن کي ملڪ جي نسلي امتياز واري پاليسي جي خاتمي کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو مليو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.