سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جا شاگرد خوش قسمت آهن: ڊاڪٽر مجيب صحرائي

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته ڪراچي بهترين تعليمي موقعا فراهم ڪندڙ شهر آهي، جتي جي شاگردن کي پنهنجي روشن مستقبل لاءِ انهن موقعن مان فائدو ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي.

خميس ڏينهن يونيورسٽي جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ ايس ايم يو آءِ ماڊل اسڪول پاران منعقد ڪيل انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ شاگرد لاڙڪاڻي، سکر، ڀريا، عمرڪوٽ، خضدار، قلات، گلگت ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۽ ڏورانهن علائقن جي شاگردن کان وڌيڪ خوشنصيب آهن، جو هنن شاگردن وٽ سٺا اسڪول آهن، جن ۾ معياري تعليم، جديد سهولتون ۽ صحتمند سرگرميون موجود آهن. هن پنهنجي تعليمي دور  جو مثال ڏيندي چيو ته، جيڪا تعليم هن ڊي جي ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ جيڪو ڪجهه هن ڪراچي شهر جي ڪلچر مان سکيو، تنهن سندس ڪامياب ڪيريئر ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ايس ايم يو آءِ ماڊل اسڪول جي شاگردن لاءِ فخر ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان اهم اهو آهي ته هيءَ قائداعظم محمد علي جناح جي مادر علمي آهي، جنهن جي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪيترن ئي موقعن تي تعريف ڪئي هئي.

دادو شهر ۾ پنهنجي اسڪول جي ڏينهن کي ياد ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ان وقت اسان جي اسڪول ۾ شاگردن جي بهترين رهنمائي ۽ سکيا ٿيندي هئي، جنهن کيس پنهنجي مستقبل جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ان ڪري اڄ جي شاگردن کي وڌيڪ رهنمائي جي ضرورت آهي ڇو ته اهي 21هين صدي جو نسل آهن.

وائيس چانسلر ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي استادن ۽ اسڪول انتظاميا تي زور ڀريو ته اهي شاگردن کي پنهنجي اسڪول سان گڏ شهر ۾ جيترو ٿي سگهي هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺرائين. هن چيو ته هم نصابي سرگرميون شاگردن جي ذهني ترقيءَ لاءِ تمام گهڻيون ضروري آهن، تنهن ڪري استادن کي گهرجي ته هو نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين کي برابر اهميت ڏين.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي شهر ۾ ٿيل مختلف مقابلن ۾ ڪامياب ٿيل شاگردن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي وقت سان گڏ پنهنجي والدين جو به قدر ڪن، جيڪي انهن کي ڪامياب ڏسڻ چاهين ٿا.

ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائي شاگردن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ۽ سندن استادن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا. هن ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي پرنسپال محترمه نبيلا ڪنول کي شيلڊ پڻ ڏني، جڏهن ته پرنسپال کيس سووينئر پڻ پيش ڪيا. تقريب ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ، ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ ۽ ايس ايم يو آءِ ماڊل اسڪول جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.