ماني ۽ نان جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نان ۽ ماني جي گهٽتائي وارو نوٽيفڪيشن 6 مئي تائين معطل ڪري ڇڏيو.
جسٽس طارق محمود جهانگيري ماني نان باءِ ايسوسي ايشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا جي نمائندن ٻڌايو ته قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ ڊي سي اوز کي اختيار ڏنو ويو هو.
جسٽس طارق محمود جهانگيري ضلعي انتظاميا جي اختيارين کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان تندور وارن کان پڇيو ته اٽو ڪيتري جو ٿو اچي؟ يا ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
نمائندي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنٽرول جنرل پرائسز اينڊ سپلائزز وفاقي حڪومت مقرر ڪندي، جنهن کي اگهه مقرر ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويندا.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جنرل جي پاور سيڪشن ٿري جي تحت ناهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ڪيو ويو آهي ان سان گڏ حوالو به ناهي ڏنو ويو، اسلام آباد ۾ اٽو مهانگو ۽ ڪرايو وڌيڪ آهي.
عدالت پڇيو ته پنجاب ۾ 120 گرام جي ماني 25 رپين ۾ آهي؟
جنهن تي ضلعي حڪومت جي نمائندي موقف ڏنو ته لاڳاپيل آفيسر موجود ناهن مناسب وقت ڏيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين ماني ۽ نان سستي ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ڌرين کي تفصيلي جواب جمع ڪرئڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.