سعودي حڪومت رياض ۾ پهريون شراب خانو کولي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب رياض جي سفارتي ڪوارٽر ۾ پهريون شراب خانو کولي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي حڪومت سرڪاري طور تي رياض ۾ شراب خانو کولڻ جي تصديق ناهي ڪئي پر سفارتڪارن کي خصوصي اپليڪيشن ذريعي اجازت نامو وٺڻو پوندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به مهمان يا 21 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهو کي اسٽور ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن دڪان ۾ فوٽو گرافي ۽ موبائل فون جي استعمال تي به پابندي هوندي.
هلندڙ سال جي شروعات ۾ اها خبر سامهون آئي هئي ته سعودي حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۾شراب خانو کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
واهپيدارن کي شراب جي خريداري لاءِ موبائل ايپ ذريعي پاڻ کي درج ڪرائڻو پوندو ۽ پرڏيهي وزارت کان ڪليئرنس ڪوڊ حاصل ڪرڻ لازم هوندو، واهپيدارن کي مهيني جي ڪوٽي موجب شراب ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.