پوليس جي وردي پائڻ تي مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس جي وردي پائڻ تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ لاهور سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
پنجاب پوليس جي وردي پائڻ تي مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ لاهور سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ايڊووڪيٽ سيد وقار طرفان داخل ڪرائي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مريم نواز پوليس اهلڪار ناهي، هن پوليس آفيشل جي وردي پاتي، ان سان گڏ موجود پوليس اهلڪارن به کيس وردي پائڻ کان نه روڪيو، پراڻي انارڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي مريم نواز سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، قانون موجب ڪو به شخص رياستي ادارن جي وردي نٿو پائي سگهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واضح قانون موجود آهي ته ڪنهن به ڏوهه خلاف جيڪڏهن پوليس کي درخواست ڏني وڃي ته پوليس ان درخواست کي داخل ڪرڻ جي پابند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.