منفي پروپئگنڊا ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ترقيءَ جي سفر ۾ رنڊڪون وجهڻ وارن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.
آرمي چيف جنرل عاصم منير گرين پاڪستان انيشيئيٽيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي دور ۾ معاشي استحڪام کانسواءِ مڪمل خودمختياريءَ جو تصور ممڪن نه آهي.
سندس چوڻ هو ته ترقيءَ جي سفر ۾ خلل وجهڻ ۽ ڌيان هٽائڻ وارن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون، اسان سڀ گڏيل طور ٽيم پاڪستان آهيون، ناڪاري پروپئگنڊا ۽ ٽرولز ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهن .
هن وڌيڪ چيو ته اچو ته سڀ گڏجي ناڪاري قوتن کي رد ڪريون ۽ سڀ گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي سفر تي ڌيان ڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.