ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.
نوٽيفڪيشن موجب، موجب اين اي 44 ڊي آءِ خان مان فيصل امين خان، اين اي 119 لاهور مان ن ليگ جو پرويز ملڪ جڏهن ته اين اين 132 قصور مان ن ليگ جي رشيد احمد خان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
پي پي 36 وزيرآباد مان ن ليگ جو عدنان افضل چٺا، پي پي 54 نارووال مان ن ليگ جو احمد اقبال، پي پي بکر 93 مان ن ليگ جو سعيد اڪبر نوراني ۽ پي پي 139 شيخوپورا مان ن ليگ جو راڻا افضال ڪامياب ٿيو.
ان کانسواءِ پي پي 147 لاهور مان ن ليگ جي محمد رياض، پي پي 149 لاهور مان آءِ پي پي جي محمد شعيب صديقي، پي پي 158 لاهور مان ن ليگ جي چوڌري نواز ۽ پي پي 164 لاهور مان ن ليگ جي راشد منهاس کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پي پي 266 رحيم يار خان مان پ پ جو ممتاز علي، پي پي 290 ڊي جي خان مان ن ليگ جو علي احمد خان لغاري ۽ پي پي 91 ڪوهاٽ ي سيٽ تي سني اتحاد ڪائونسل جو دائود شاهه سوڀارو رهيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.