قومي اسيمبليءَ جي سڀ کان وڏي جماعت ڪهڙي؟ اليڪشن ڪميشن فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن طرفان قومي اسيمبليءَ ۾ پارٽي پوزيشن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، ن ليگ قومي اسيمبليءَ ۾ سڀ کان وڏي جماعت آهي جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل ٻئي ۽ پ پ ٽئين نمبر تي موجود آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي ميمبرن جو انگ 120 ٿي ويو آهي ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا 82 ايم اين ايز آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب، پ پ جي قومي اسيمبليءَ ۾ سيٽن جو انگ 71 آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جون 21، جَي يو آءِ 11، مسلم ليگ جون 5 ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو چار سيٽون آهن.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ ايم ڊبليو ايم، مسلم ليگ ضياءَ، بلوچستان عوامي پارٽي جي هڪ، هڪ سيٽ، بلوچستان نيشنل پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي به هڪ، هڪ سيٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.