ميان صاحب ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

ميان صاحب ( ويب ڊيسڪ ) ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته واقعي خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،
ڳوٺ درياء خان ڀيو ۾ ڀيا- مارفاڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 20 ورهين جو نورد ڀيو سندس زال مسمات غلام فاطمه ڀيو ۽ مسمات نانا خاتون ڀيو مارجي ويون
اطلاع تي جهان واهه ٿاڻي سميت شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سلطان ڪوٽ ۽ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا.
ٻئي پاسي مقتولن جي وارثن سلطان ڪوٽ تي ڌرڻو هنيو ، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ معطل رهي
مقتولن جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي ڪيفر دار تائين پهچايو وڃي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.