سنڌ سرڪار جو جيلن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير علي حسن زرداري اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي جيلن ۾ سولر پينل لڳايا ويندا، قيدي بيرڪن ۾ پکا سولر پينل تي منتقل ڪيا ويندا.
جيلن واري صوبائي وزير چيو ته 200 ڪلو واٽ کان 600 ڪلو واٽ جا سولر سسٽم لڳايا ويندا، ڪراچي سينٽرل، وومين ۽ لانڍي جيل کي سولر تي منتقل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد جي جيلن کي به سولر تي منتقل ڪيو ويندو، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ وومين جيل به سولر تي منتقل ڪيون وينديون، جنهن لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو.
جيلن واري وزير موجب ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور جي جيلن کي به سولر تي منتقل ڪيو ويندو.
علي حسن زرداري موجب ٻارن ۽ عورتن جي جيلن ۾ مشينري ۽ ڪلاس رومز کي به سولر تي منتقل ڪيو ويندو……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.