سنڌ ۾ ٽئڪس ۽ بجلي چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ ڇاپيا ويندا.
اهڙو فيصلو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنهور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽيڪس چور ملڪي خوشحالي جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ ڇاپيا ويندا، سندن اڪائونٽ فريز ڪرڻ لاءِ به اپاءَ وٺنداسين.
شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي ساراهه ڪئي ۽ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته زيرو ٽالرنس پاليسي تحت صوبي ۾ ڪارروايون جاري رکيون وڃن، منشيات فروشن ۽ ٽيڪس چورن خلاف ڪاررواين لاءِ پوليس جا قابل آفيسر ۽ جوان ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا. شروعاتي طور تي ڪراچي ۽ هيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا.
هن هدايت ڪئي ته منشيات فروشن جي پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن مضبوط ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس دوران گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بائيوميٽرڪ تحت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جڏهن ته ايڪسائيز کاتي بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اپائن جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.