مريم پوليس وردي پائي ڏچي ۾ پئجي وئي، ڪيس داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي سيشن ڪورٽ پوليس يونيفارم پهرڻ تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايڊيشنل سيشن جج مظفر نواز ملڪ گذريل ڏينهن ٿيل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو، عدالت درخواست گذار کان فرنٽ ڊيسڪ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
تنهن کانپوءِ سيشن ڪورٽ ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي پوليس جو يونيفارم پهرڻ تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي هئي.
درخواست آفتاب باجوا ايڊووڪيٽ جي معرفت داخل ڪرائي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.