ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست، ڌرين کي نوٽيس جاري

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سکر جي اليڪشن ٽربيونل پي ايس 22 پنوعاقل تي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو، جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڄام اڪرام ڌاريجو چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ان باوجود ايم پي اي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
وڪيل چيو ته پي ايس 22 پنوعاقل جي فارم 45 تحت جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو ڪامياب ٿيو پوءِ به کيس هارايو ويو.
وڪيل چيو ته جي يو آءِ اميدوار جا 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري ڊبل ٺپا هنيا ويا، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي آڱوٺن جي چڪاس ڪرائي وڃي.
اليڪشن ٽربيونل، جي يو آءِ اميدوار مبين بلو جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.