عوام لاءِ بُري خبر، بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومتي دعوائن جي ابتڙ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جاري آهي، بجلي 2 رپيا 94 پيسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ان حوالي سان نيپرا ۾ اڄ ٻڌڻي ٿيندي.
اگهن ۾ اهڙي واڌ جا سبب سامهون ناهن اچي سگهيا.
مارچ ۾ گيس تي هلندڙ 22 سستا پاور پلانٽس بند رکيا ويا.
قدرتي گيس تي هلندڙ 13 پلانٽس ۽ درآمدي آر ايل اين جي سان هلندڙ 9 پلانٽس کي بند رکيو ويو.
گذريل مهيني فرنس آئل مان به بجلي پيدا ڪئي وئي.
سڀ کان مهانگي بجلي ايران کان 30 رپيا 37 پيسا في يونٽ ۾ درآمد ڪئي وئي.
مارچ ۾ 7 ارب 75 ڪروڙ يونٽس بجلي پيدا ڪئي وئي.
گذريل پيدا ڪيل بجلي جي لاڳت 72 ارب 76 ڪروڙ رپيا رهي.
اگهن ۾ واڌ سان واهپيدارن تي هڪ مهيني ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ بار پوندو……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.